ٽنڊومستي (نادر علي اڄڻ) ڳوٺ آدم خان مري ۾ ڳوٺاڻي غلام حسين جاگيراڻي، الله رکيو، محمد اسلم، محمد صديق جاگيراڻي جي چئن گهرن کي اوچتو باھ لڳڻ سبب گهر ۾ پيل 2 نياڻين جو ڏاج سميت 3 لک روڪ، ڪارگو موٽرسائيڪل، 2 لک جا سونا زيور 70 مڻ ڪڻڪ ۽ گهر ۾ پيل الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو. متاثرن ميڊيا اڳيان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آھي ڦٽين جي چونڊي تي ويل هئاسين ۽ ننڍڙا ٻار راند کيڏي رهيا هئا ته اوچتو باھ لڳي وئي اهڙو اطلاع بروقت فائربرگيڊ کي ڏنو ويو جنھن جي باوجود به فائربرگيڊ عملو نه پهتو اسان پنهنجي مدد پاڻ باھ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي سين اسان رڳو سر بچائي باهر نڪتاسين. اهڙي واقعي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن ۾ روڄ راڙو متل ۽ عورتن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا. متاثر کليل آسمان ھيٺ بي يارومددگار ويهي ڪنهن مسيحا جا منتظر بڻيل آهن.










