ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران 20هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ ڪامورن جون مقرريون ڪيون ويون آهن، سهيل قريشي اسپيشل سيڪريٽري جيل، فيصل عقيلي اربن پاليسي ۽ اسٽريٽيجڪ جو ڊي جي مقرر ڪيوويو آهي، ريحان بلوچ ڊي جي پاپوليشن، عبدالسلام شيخ اسپيشل سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ مقرر ڪيو ويو آهي، علي احمد بلوچ کي اسپيشل سيڪريٽري توانائي مقرر، بچل راهپوٽو کي ورڪرز ويلفيئر جو سيڪريٽري، زبير پرويز ڊي جي فوڊ اٿارٽي ۽ اشفاق سومرو ڊي جي ايڇ آر ٽريننگ مقرر ڪيوويو، بخش علي مهر اسپيشل سيڪريٽري بلديات ۽ اسحاق کهڙو لوڪل گورنمينٽ ۾ آر ڊي ڪراچي مقرر ٿيو آهي، آصف جهانگير ناڻي کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، خليل الرحمان کي راندين واري کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.










