ڪچي ۾ ڪارروائي، ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل اهلڪار بازياب

ڪچي ۾ ڪارروائي، ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل اهلڪار بازياب

رحيم يار خان(ويب ڊيسڪ) پوليس ڪچي واري علائقي مان ڪارروائي ڪندي اغوا ڪيل ڪانسٽيبل احمد نواز کي بازياب ڪرائي ورتو.پوليس ترجمان موجب خميس جي شام ماڇي ۾ ڌاڙيلن جي حملي بعد ڌاڙيل ڪانسٽيبل احمد نواز کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا.بعد ۾ اغوا ڪندڙن پوليس اهلڪار احمد نواز جي وڊيو به جاري ڪئي، جنهن ۾ مغوي اهلڪار چيو ته آءِ جي پنجاب ۽ وڏي وزير مريم نواز ڌاڙيلن جا مطالبا پورا ڪن، ٻي صورت ۾ مونکي قتل ڪيو ويندو.پوليس اهلڪار جي بازيابي کانپوءِ ڊي پي او رضوان گوندل چيو ته علائقي ۾ پوليس جي موجودگي مضبوط آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو