ڪچو شراب، فوت ٿيل 6 ڄڻن جي ڪيس ۾ اڳوڻو ايس ايڇ او گرفتار

ڪچو شراب، فوت ٿيل 6 ڄڻن جي ڪيس ۾ اڳوڻو ايس ايڇ او گرفتار

نوابشاهه (ن س )نوابشاهه ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيل 6 ڄڻن جي ڪيس ۾ پوليس اڳوڻي ايس ايڇ او کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس پنهل خان چانڊيو ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او کي گرفتار ڪري ورتو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پنهل خان چانڊيو ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او جاويد اقبال پوليس جي دٻاءُ سبب گرفتاري ڏني. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪچو شراب واپرائڻ سبب ارباب اسٽاپ واسي بشير زرداري، پنگريو موري واسي بالشير بروهي، مشتاق، مور، انتظامر ۽ سلام فوت ٿي ويا هئا. ڇهن ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد پنهل خان چانڊيو ۽ تعلقي ٿاڻي تي 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو