راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز سان ٽن مختلف مقابلن ۾ هندستان جي پٺڀرائي وارن 19 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي تعلقات عامه جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سيڪيورٽي فورسز ضلع مھمند جي علائقي ۾ انٽيليجنس اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران خارجين جي ٺڪاڻن کي مؤثر نموني سان نشانو بڻايو ويو۔ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 14 خارجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ٻيو انٽيليجنس بنياد تي آپريشن اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ڪيو ويو، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وڌيڪ 4 خارجين کي سندن انجام تائين پهچايو ويو، جڏهن ته ٽئين ڪارروائي بنون ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ خاارجي مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب ٻن ڏينهن ۾ فتنه الهندوستان جا 19 خارجي دهشتگرد ماريا ويا آهن. سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود به هٿ آيو آهي. هي دهشتگرد مختلف علائقن ۾ ڪيترين ئي دهشتگردانه ڪاررواين ۾ ملوث رهيا هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي مان ڪنهن به باقي خارجين جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.










