ڪي پي ۾ دهشتگردن جا حملا، 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد

ڪي پي ۾ دهشتگردن جا حملا، 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي 2 ضلعن ۾ دهشتگردن جي حملن ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.خيبر ضلعي جي علائقي باڙه جي ناله جي گڏيل پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن دوران دهشتگردن دستي بمن سميت ڳري هٿيارن جو استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 5 زخمي ٿي پيا.حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس اسپتال انتظاميا موجب فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 7 زخمي اهلڪار ايڇ ايم سي کڻي ايندا جن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، زخمين کي نيورو سرجري، سرجيڪل ۽ آرٿوپيڊڪ وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف ٽئنڪ ۾ به دهشتگردي جو هڪ واقعو پيش آيو، جتي دهشتگردن ڊيرا روڊ تي واقع پوليس لائن تي حملو ڪيو.پوليس موجب، حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن رات 3 وڳي حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ ڊيرا روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو