ڪي پي جو وڏو وزير وفاق سان وڙهڻ جي ڳالهه ڪري پيو

ڪي پي جو وڏو وزير وفاق سان وڙهڻ جي ڳالهه ڪري پيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ڪاوشن سان 26ھين آئيني ترميم ممڪن ٿي ۽ 26ھين آئيني ترميم تحت آئيني عدالتن جو قيام عمل ۾ آيو،آئيني عدالتن جي قيام ۾ بھ سنڌ صوبي اڳرائي ڪئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ماڻھن کي فوري انصاف جي فراھمي ۽ عوام جي مسئلن جو فوري حل چاھي ٿو، اسان ماضي ۾ ڏٺو تھ اھڙا ڪيس بھ ھُئا جن ۾ قتل جي جوابدار کي موت جي سزا ڏني وئي، اپيل بعد اُنھن جوابدارن کي قتل ڪيس مان بري ڪيو ويو، تيستائين سندن موت جي سزا تي عمل ٿي چُڪو ھو، اسين سمجھون ٿا تھ آئيني عدالتن جي قيام سان عوام کي سٺو رليف ڏنو ويو آھي. ڪراچي ۾ نيب ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ صدر آصف علي زرداري بنا ڪنھن سزا جي 12 سال جيل ڪاٽي، مختلف سياسي پارٽيون بھ عدالتن کي منھن ڏينديون رھيون آھن، اھڙي قسم جا ڪيس ٺاھڻ وارا اڄ پاڻ بھ ڪيسن کي منھن ڏئي رھيا آھن. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ عدالتن تي اعتماد ھجڻ گھرجي، عدالتن کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ يا اُنھن کي تڪراري بڻائڻ نھ گھرجي، سدائين حق ۽ سچ سان انصاف جي حاصلات لاءِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪالھھ عمران خان ڪورٽ مان اُٿي ھليو ويو، ھي ھڪ آمراڻي ذھنيت آھي، عدالتن کي ايئن جھڪائي نھ ٿو سگھجي، 2015 کان وٺي اسان ڪيسن کي مھن ڏئي رھيا آھيون، 9 ورھين کان عدالتن ۾ بھ حاضر ٿيندا رھيا آھيون، اسان اُنھن حالتن ۾ حاضر ٿيا آھيون جڏھن اسان جي پارٽي ۽ اسان تي سختيون ھُيون، اسان جيل ۾ ويھي بھ ڪيسن کي منھن ڏنو آھي. ھن چيو تھ عمران خان جي ذھنيت آھي تھ اسٽيبلشمينٽ، عدليھ، اليڪشن ڪميشن ۽ ادارا سڀ سندس چوڻ تي ھلن، اليڪشن ڪميشن جڏھن عمران خان جي چوڻ تي نھ ھلي تھ ھن سڀني کان وڌيڪ تڪراري سڪندر سلطان راجا کي بڻايو، پي ٽي آءِ جي سوچ آمراڻي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ خيبرپختوخواھھ جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي امن امان جي حوالي سان اي پي سي جو بندوبست ڪيو جنھن ۾ پي ٽي آءِ کانسواءِ 16 پارٽين شرڪت ڪئي، سمورين سياست پارٽين کي گڏ ويھارڻ پي ٽي آءِ جو ڪم ھو. ھن چيو تھ خيبرپختوخواھھ ۾ حالتون بگڙجنديون پيون وڃن، پوليس مغرب کانپوءِ روڊن تي نظر ناھي ايندي، خيبرپختونخواھھ ۾ پوليس کي ڊي مورلائز ڪيو ويو آھي، ھاڻي اتي حالتون پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ناھن، خيبر پختونخواھھ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ناڪام ٿيندي پئي وڃي، پي ٽي آءِ جي اوليت ملڪ ۾ انارڪي، افراتفري ڦھلائڻ ۽ ادارن سان محاذ آرائي ڪرڻ آھي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ خيبرپختونخواھھ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت جو ٽيون دور آھي، شرم جي ڳالھھ آھي تھ اُتي ميمبر پنھنجي حلقي ۾ نھ ٿا وڃي سگھن، جنھن پوليس کي امن امان کي ڏسڻو ھو، اُن کي چيو ھو تھ اُھي لانگ مارچ جي لاءِ سڪيورٽي ڏين، ھٿيار ڏين تھ جيئن ھُو وفاق تي حملو ڪري سگھن، اُتي پي ٽي آءِ دھشتگردن جي آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آھن. ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سول نافرماني جي ڳالھھ عمران خان ڌرڻي ۾ بھ ڪئي ھُئي، عمران خان سڀني کان پھرين پنھنجو بل ساڙيو ھو، پر بل نھ ڀرڻ تي جڏھن عمران خان جي بجلي ڪٽي وئي تھ سڀني کان پھرين بل جمع ڪرائڻ وارو بھ عمران خان ئي ھُيو، عمران خان اھو چيو ھو تھ ماڻھو ملڪ مان پئسو سرڪاري ذريعن سان نھ پر حوالا ۽ ھُنڊي ذريعي موڪلين، سندس سوچ ملڪ جي ھر شئي کي باھھ لڳائڻ واري آھي، اڄ بھ وقت آھي تھ ھي ھاڪاري سوچ سان اڳتي اچن ۽ اعتراف ڪن تھ اسان عوام کي گمراھھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پي ٽي آءِ وٽ نوجوانن کي ڏيڻ کي ڏڦيڙ کانسواءِ ڪجھھ بھ ناھي، پر منفيت ڪڏھن بھ جٽادار ناھي ھوندي. ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڻي جي معاملي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ سرڪار واضح موقف رکيو آھي، پاڻي جا معاملا 1992 جي ٺاھھ تحت ٿيڻ گھرجن، اُن کانسواءِ ڪابھ شئي نھ ھُجي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پي ٽي آءِ جي دور ۾ اي پي ايس جو سانحو ٿيو، بنون جيل تي حملو ٿيو، پر پي ٽي آءِ جي اوليت اھا آھي تھ اسان کي ڪھڙي ريت وفاق تي حملو ڪرڻ آھي، شھيد بي بي آخري تقرير ۾ چيو ھو تھ سوات ۾ پاڪستان جو جھنڊو ڦڙڪائينداسين، آپريشن دوران 28 لک ماڻھو دربدر ٿيا، پيپلز پارٽي اُنھن کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪم ڪيو. ھن چيو تھ پوري پي ٽي آءِ اسرائيل ۽ انٽرنيشنل لابيئسٽن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رھي آھي، خيبرپختوخواھھ جا ماڻھو معصوم آھن، پي ٽي آءِ کين غلط راھھ تي وٺي پئي وڃي، پي ٽي آءِ جي اوليت خيبرپختونخواھھ جي عوام نھ پر ھڪ شخص جا مفاد آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو