ڪي اين شاهه ۾ بدامني،شهرين جو احتجاج

ڪي اين شاهه ۾ بدامني،شهرين جو احتجاج

خيرپور ناٿن شاھ(ن س)خيرپور ناٿن شاھ مان امن جو پکي اڏامي ويو شھر جي مشهور علمدار چوڪ تان ڪجھ ڏينھن اڳ آل واپاري اتحاد جي اڳواڻ سھيل شيخ جي ھارڊ وئير جي دڪان مان 6 لک روپين جي چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ھيا، چوري کي چار ڏينهن گذري ويا پر پوليس ھن محل تائين چوري واپس نه ڪرائي سگھي تفصيل موجب. خيرپور ناٿن شاھ مان امن جو پکي اڏامي ويو شھر جي مشهور علمدار چوڪ تان ڪجھ ڏينھن اڳ آل واپاري اتحاد جي اڳواڻ سھيل شيخ جي ھارڊ وئير جي دڪان مان 6 لک روپين جي چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ھيا، چوري کي چار ڏينهن گذري ويا پر پوليس ھن محل تائين چوري واپس نه ڪرائي سگھي جنھن جي ڪري اڄ آل واپاري اتحاد جي صدر ذيشا شيخ، واپاري اتحاد صدر اعجاز سومرو، اليڪٽرانڪ صدر عدنان گاڏھي، ريشم گلي يونين صدر عبدالرئوف شيخ، صرافه يونين صدر راحت شيخ، ڪلاٿ يونين صدر ذوالفقار علي گاڏھي تعلقه بار ڪي اين شاھ وڪيل ڪي ڪي ڏيرو، ايس ٽي پي اڳواڻ فقير علي حسن جانوري سميت واپارين پاران علمدار چونڪ تي ٻن ڪلاڪن تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي ۾ اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته شھر جو امن مڪمل ختم ٿي ويو چورن شھرين ۽ واپارين جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ڏينهون ڏينهن چورين ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي جڏھن ته چار ڏينھن اڳ سھيل احمد شيخ جي ھارڊ ويئر جي دڪان مان لکين روپين جي چور چوري ڪري فرار ٿي ويا جنھن دوران ايس ايڇ او ڪي شاھ عباس ٻٻر کوجي ڪتن ذريعن پيران به کنيا ۽ جوابدار به گرفتار ٿيا پر چوري ٿيل پئيسا ھن وقت تائين واپس نه ڪيا ويا آھن ھنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن جلدي چوري ٿيل پئسا واپس نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ ھلائي شٽربند ھڙتال جو سڏ ڏنو ويندو…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو