ڪينيڊا ۾ دھشتگردي جو شڪار پاڪستانين جي تدفين

ڪينيڊا (ويب ڊيسڪ) ڪنيڊا ۾ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ پاڪستاني خاندان جي چار ڀاتين جي تدفين ڪئي وئي، ڪئنيڊا ۾ هڪ شهيد ٿيل پاڪستاني خاندان جي چار ڀاتين کي لنڊن اونٽاريو ۾ دفنايو ويو، قتل ٿيل چار ئي گھرڀاتين جي جنازي نماز ۾ مختلف طقبن سان واسطو رکندڙ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، ياد رھي تھ چار ڏينھن اڳ لاھور سان تعلق رکندڙ فزيو تھراپسٽ سلمان، ان جي والدھ، گھرواري ۽ ڌيءَ کي ڪينيڊا جي شھر لنڊن اونٽاريو ۾ ھڪ دھشتگرد ٽرڪ چاڙھي قتل ڪيو ھو. مقامي ميڊيا موجب اهو دهشتگرد جيڪو ٽرڪ تي چڙهي ويو هو مذهبي تعصب ۾ مبتلا هو ۽ پوليس کيس گرفتار ڪيو ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو