طفيل مگسي
اسان جي ملڪ پياري پاڪستان ۾ شخصيت پرستي بلڪل ڪوڙھ جي بيماري جيان آھي ۽ ڪي ماڻھو ان کي“گريٽ مين اسٽبرڊم“يا عظيم ماڻھوء جي ٿيوري به ڪوٺين ٿا.عظيم.ماڻھن يا خاص ڪري عظيم.ليڊر جي باري ۾ اها ٿيوري اڻويهين صديء ۾ نهايت ئي مقبول ٿي۽ ان ٿيوري جو مرڪزي نقطو اهو آھي ته انساني تاريخ کي صرف عظيم ماڻھن جي اثرن جي ئي وسيلي سمجهي سگهجي ٿو.اهي بي مثال ۽ لازوال قسم جا ماڻھو هوندا آھن.جيڪي پنهنجي غيرمعمولي قدرتي صلاحيتن جي سبب کان عظمتن جي بلندين تي رسندا آھن.انهنبجي بي پناه ڏاهپ.همت ۽ ليڊرشپ جي غير معمولي صلاحيتن ۾ قدرتي اڳواڻي شامل هوندي آھي.
هونئن ته اها تمام.پراڻي ٿيوري آھي.ليڪن هن کي سڀ کان پهرين اسڪائش ليکڪ .دانشور ۽ تاريخ دان ڪارلائل.باقاعده شڪل ڏني ۽ ان سلسلي جي شروعات 1840ع ۾ ٿي.جڏھن ڪارلائل هيروازم تي ليڪچر ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو.جيڪو ليڪچر بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو.ڪارلائل هن ڪتاب ۾ تاريخ جي تعريف ڪندي لکيو ته جيڪي ڪجه انسان هن دنيا ۾ حاصل ڪري چڪو آھي.اها يونيورسل تاريخ آھي ۽ اها تاريخ اصل ۾ ان عظيم ماڻھوء جي تاريخ هوندي آھي.جنهن اها تاريخ ٺاهڻ جي لاء ڪم ڪيو.اهي عظيم.ماڻھو پنهنجي وقت جا ڏاها صلاحيتن ڀريا يا اسان پنهنجي ئي آس پاس جيتريون حاصلاتون ڏسون ٿا.اهي انهن ئي عظيم ماڻھن جي محنت ۽ ڪوششن جو نتيجو آھن.هنن پنهنجي ڏاهپ کي استعمال ڪندي پنهنجين خيالن ۽ نظرين کي مادي ڪاميابي ۾ تبديل ڪيو ۽ اها دنيا جي تاريخ جو روح آھي.
ڪالائل لکيو آُهي ته تاريخ اصل ۾ عظيم ماڻھن جي سوانح عمري آھي.هيروز پنهنجي ذاتي خوبين ۽ مافوق الفطرت انسپائريشن جي سبب کان تاريخ ٺاهين ٿا.پنهنجي ڪتاب“هيروز ۽ ھروز جي تاريخ“ڪارلائل هيروز کي صلاۡحيت ۽ عمل جو نتيجو قرار ڏنو آھي.ھن ڪتاب ۾ هن هيروز جي درجابندي به ڪئي آھي.انهن ۾ اسلام جا پيغمبر.شاعر ۽ اديب جيئن شيڪسپيئر .مارٿن لوٿر ڪنگ .جيئن پادري روسوجهڙا ليکڪ ۽ نيپولين جهڙا ليڊر شانل ڪيا اٿائين. هن ان ٿيوري کان ٿورو هٽي ڪري لکيو ته عظيم ماڻھو تاريخ تخليق نٿو ڪري پر تاريخ کان سکي ٿو ۽ مستقبل کي بي نقاب ڪري ٿو.ان نظريي جا ٻه بنيادي اصول آھن.هڪ اهو ته عظيم ماڻھو پيدائشي طور تي اهڙيون خاصيتون رکندو آھي.جنهن جي سبب کان هو عظيم ليڊر ٿيئي ٿو ۽ ٻيو اهو ته انهن صلاحيتن جي اظھار جي لاء سازگار حالتن جي موجودگي ضروري آھي ۽ انهن سازگار حالتن جي سبب کان ئي ڪو شخص ليڊر بڻجي ٿو.
اڻويهين صديء جي چوٿين ڏھاڪي ۾ اها ٿيوري نهايت ئي مقبول ٿي ۽ ان کي دنيا ۾ عمومن تسليم پڻ ڪيو ويو.ليڪن ظاهر آھي ته عظيم ماڻھن جي تاريخ جي باب ۾ اها ڪا اڪيلي ٿيوري نه هئي بلڪ ان باب ۾ ڪجه ٻيون ٿيوريون ۽ ّيال به موجود هئا.ان جي مقابلي ۾ اڳتي هلي سٺ جي ڏھاڪي ۾ جيڪا ٿيوري مقبول ٿي.ان ٿيوري اڪثر ڪري سوشل تاريخ پيش ڪئي.ان کي تاريخ ۾ مٿي کان هيٺ ڏسڻ جي بجاء هيٺ کان مٿي ڏسڻ جو نظريو پيش ڪيو ويو.
سٺ ۽ ستر جي ڏھاڪي ۾ اهو نظريو اڪثر ڪري نوجوان نسل ۾ مقبول ٿيو.ليڪن اڄ به ڪيئنڊا.فرانس ۽ جرمنيء وغيره ۾ تاريخ ۽ شخصيت جي باري ۾ اهو نظريو ڪافي مقبول آھي.ليڪن اهو نظريو جنهن کي سوشل سائنس به سڏيو وڃي ٿو.ايترو نئون به ناهي ته هن جي شروعات 1930ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي کان ٿي چڪي هئي.اهو تاريخ ۾ عام ماڻھوء جو نظريو هو.جنهن جو مقصد اهو بيان ڪرڻ ھو ته تاريخ کي صرف عظيم ماڻھن جي ڪردار ۽ سرگرمين کان ئي نه بلڪ عام ماڻھن جي محنت ۽ جدوجهد جي هڪ نظر سان ڏسڻ گهرجي.اهو نظريو 1963ع ۾ ٿامس جي ڪتاب“دي ميڪنڪ آف دي ڪلاس“جي وسيلي عام ماڻھن تائين پهتو.ان ريت هن هڪ باقاعدي سوشل هسٽري جي طور تي مغربي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي جڳه ٺاهي.جرمني.برطانيه وغيره ۾ عام ماڻھوء جي نقط نظر کان تاريخ کي لکيو ويو.
امريڪا ۾ ھاورڊزن سميت ڪيترن ئي ماڻھن “پيپلز هسٽري“جي عنوان جي تحت ان کي اڳتي وڌايو.
ليڪن انهن سمورن نظرين جي ڀيٽ ۾ تاريخي ماديت جو نظريو سامهون اچي چڪو هو.جنهن تاريخ لکڻ وارن جي سوچ کي جهنجهوڙي ڇڏيو.تاريخي ماديت ڪارل مارڪس جو نظريو آھي۽ ان نظريي جي وسيلي اهو چٽو ڪيو ويو ته دنيا جي تاريخ ڪا وڏن ماڻھن جي تاريخ ناهي بلڪ اها طبقاتي جدوجهد جي تاريخ آھي.جيتوڻيڪ تاريخي ماديت کي ڪنهن هڪ ڪتاب جي شڪل ۾ پيش نه ڪيو ويو بلڪ مارڪس ۽ اينگلز مختلف وقتن ۾ مختلف لکڻين جي وسيلي ان تي خيال جو اظھار ڪيو.جيڪو جديد دور جو ان موضوع تي هڪ اهم ترين نقط نظر بڻجي ويو
تاريخي شخصيتن ۽ عظيم ماڻھن جي باري ۾ اهي ٽن قسمن جا نظريا سڄي دنيا ۾ مقبول ٿيا ۽ اڄ به مختلف ملڪن ۾ انهن کي ٿوري گهڻي مٽاسٽا سان قبول ڪيو وڃي ٿو.مغرب ۾ اهي شخصي قسمن جا نظريا مصبول آھن.۽ ھتان جي يونيورسٽرن ۽ ٻين لاڳاپيل فورمن تي مختلف فڪر جا فرد بحث ومباحثا ڪندارهن ٿا.اسان پٽ برصغير ۾ مختلف ماڻھن پنهنجي پنهنجي طور تي انهن ئي نظرين جي ڪنهن نه ڪنهن شڪل کي قبوبل ڪيويکيڪن برصغير جي مختلف حالتن ۽ مختلف نفسيات جي سبب کان انهن نظرين ڪيترائي رنگ اختيار ڪيا.
مقامي سطح تي سڀ کان وڌيڪ هن کي مذھب جو ويس پارايو ويو.اولياء.منتر جنتر وارن روين هن تي ڪافي اثر وڌو.جيتوڻيڪ هتي ليڊر جو تصور ڪنهن ديوي ديوتا يا مافوق الفطرت جي شڪل ۾ سدائين موجود رهيو آھي.يعني ليڊر اهڙو هجي جيڪو ذاتي ۽ شخصي حيثيتون رکندو هجي.جيڪو عام ماڻھن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ۽ غير معمولي هجي.اهو دلير ديانتدار هجي يا ناقابل شڪست ۽ عظيم و لازوال شخصيت جو مالڪ هجي اها نفسيات پاڪستان.ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ تمام.گهڻي آھي.ليڊر کي هيرو سمجهي ڪري پوڄيو وڃي ٿو.بلڪ اهي خاصيتون وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهن جي اولادن ۾ به تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.جنهن جو سبب انهن ملڪن ۾ موروثي سياست جي ڪوڙھ جهڙي بيماري موجود آھي.جيڪا وقت گذرڻ سان گڏ وڌي رهي آھي.پاڪستان ۾ ان موروثي سياست جي جهلڪ اڪثر ڏيک ڏيئي ٿي.2024ع جي اليڪشن ۾ ان قسم جي سياست جي غالب حيثيت ۽ مستقبل جي جوڙجڪ جي غالب ڪارڻ جي طور تي ان جي موجودگي جا مظھر عام آھن.ڀارت .بگلاديش ۽ سريلنڪا وغيره ۾ به اها سياست مختلف شڪلين ۾ سامهون ايندي رهندي آھي.هتي ليڊر جي وفات تي ان جي اولاد کي ليڊرشپ جو حقدار قرار ڏنو وڃي ٿو.مغرب جي ڪامياب رياستن ۾ ان جي ڪا گنجائش ناهي.جيڪڏھن ڪنهن سياسي خاندان کان ڪو هڪ اڌ شخص اچي به ٿو ته اهوبه مڙهيل سياسي پروسس کان گذري ڪري سياست ۾ پنهنجي جاء ڌاهي ٿو.جنهن منجهان عام ماڻھوء کي گذري ڪري اچڻو پوي ٿو.ان ڪري برصغير ۾ ڪجه ماڻھن جو جوڻ آھي ته موروثي سياست ۾ ڪا غير معمولي ڳاله ناهي.جيڪا سموري دنيا ۾َ ڏٺي وڃي ٿي.بنيادي طور تي هڪ گمراه ڪندڙ دليل آھي.جيڪو غلط بياني تي مشتمل آھي.پاڪستان ۾ موروثي سياست جا لائق سياستدان اڪثر ان ريت جو جواب ڏين ٿا.جيڪو حقيقت سان ٽڪرايل آھي ؛؛؛










