ڪوٽ لالو ڀرسان اغوا بعد ڳوٺاڻو قتل، انصاف جي اپيل

خيرپور(ڊ ر) ڪوٽ لالو ڀرسان هٿياربندن تشدد ڪري  32 سالن جي ڳوٺاڻي کي مبينه طور قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ مٺو اسلامي ۾ هٿياربندن زبردستي گهران کڻي مبينا طور محمد موسيٰ راڄپر کي اغوا ڪرڻ بعد سخت تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جي پٽ سرفراز احمد ٻڌايو ته منهنجي والد کي هٿياربندن رات جو اغوا ڪيو جنهن بعد فصل ۾ کڻي وڃي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي منهنجي والد جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو