ڪولسن جون 11 پروڊڪٽس انسانن لاءِ غير محفوظ قرار

ڪولسن جون 11 پروڊڪٽس انسانن لاءِ غير محفوظ قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لوٽي ڪولسن ڪمپني جون يارنهن پروڊڪٽس، سلانٽي ويجيٽيبل، اسنيڪرز هاٽ مصالحه، اسنيڪرز پيزا، ٽويچ ڪلاسڪ، پوٽيٽو اسٽڪس، چيز بال مصالحه، چيز بالز چيز، ڪائي ڪورين هاٽ، اسپائسي مالا، ڪائي مالا ووڪ ۽ ڪائي ڪورين ڪيمچي ليبارٽري ٽيسٽ جي نتيجي ۾ انساني استعمال لاءِ مناسب نه مليون آهن. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو ذڪر ڪيل ڪمپني جي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته مٿين ذڪر ڪيل شين کي ٽن ڏينهن اندر مارڪيٽ مان واپس کڻن ٻي صورت ۾ ڄاڻايل ڪمپني خلاف سنڌ فوڊ اٿارٽي ايڪٽ تحت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته هي ڪارروائي عوام جي بهترين مفاد ۾ ڪئي پئي وڃي. هن ٻين صوبائي فوڊ اٿارٽيز کي به گذارش ڪئي آهي ته هو عوام جي صحت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي حدن ۾ ان معاملي تي غور ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو