ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس دنيا جي 158 ملڪن تائين ڦهلجي چڪو آهي، 2 لک 18 هزار 815 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، 84 هزار 121 ماڻهو هن مهل تائين صحتياب ٿي چڪا آهن. دنيا ۾ مرندڙن جو انگ 9 هزار کان مٿي ٿي چڪو آهي. چين ۾ وائرس تي ڪنٽرول ٿي چڪو آهي ۽ ڪو به ئون ڪيس سامهون ناهي آيو. آمريڪا جي سڀني يعني 50 ئي رياستن ۾ وائرس ڦهلجي چڪو آهي، آمريڪا ۾ 9415 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن، 150 فوت ٿي ويا آهن ۽ 106 صحتياب ٿي ويا آهن. برطانيا ۾ 2644 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن، 72 ماڻهو فوت ۽ 67 صحتياب ٿي چڪا آهن. اٽلي ۾ 35 هزار 713 ماڻهو وائرس م مبتلا آهن، 2978 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 4 هزار کان مٿي صحتياب ٿي ويا آهن. اسپين ۾ لاڪ ڊائون جي باوجون گذريل 24 ڪالڪن م اڍائي هزار ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون آيا آهن. هن مهل تائين 13 هزار کان مٿي ماڻهو وائرس جو شڪار آهن ۽ 558 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ڏکڻ ڪوريا ۾ لاڪ ڊائون کانسواءِ ڪافي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، هن مهل تائين 8565 ماڻهو وائرس جو شڪار ٿيا جن مان 91 فوت ۽ 540 صحتمند ٿي ويا آهن. ايران ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 147 ماڻهو مري ويا جنهن بعد مرندڙن جو انگ 1135 ٿي ويو آهي. جن ۾ اهم حڪومتي اهلڪار به شامل آهن. ڀارت ۾ 169 ماڻهو وائرس جو شڪار جو آهن. 3 فوت ٿيا آهن 25 غيرملڪي وائرس جو شڪار آهن. اسرائيل ۾ 529 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ روز نوان ڪيس رپورٽ ٿين ٿا. پاڪستان ۾ وائرس متاٿرن جو انگ 310 ٿي ويو آهي سڀني کان وڌيڪ متاثر سنڌ ۾ آهن. خيبرپختونخواهه م 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ڪراچي ۾ 59 ماڻهو وائرس جو شڪار آهن جن مان 41 ماڻهن کي مقامي طور وائرس نشانو بڻايو آهي جنهن سبب ڊپ آهي ته اهو وڌيڪ ڦهلجي سگهي ٿو. سنڌ ۾ 311، پنجاب ۾ 33، خيبرپختونخواهه ۾ 17، بلوچستان ۾ 23، گلگت م 13، اسلام آباد ۾ 5 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.










