اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا سبب وڌيڪ 49 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ 2465 ماڻهن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي چڪي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي انگن اکرن جي ويب سائيٽ (covid.gov.pk) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 49553 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 2465 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته 49 ڄڻا فوت ٿي ويا. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 5.6 سيڪڙو رهي. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 29877 ٿي ويو آهي ۽ ڪيسن جو گڏيل انگ 1491423 ٿي ويو آهي. ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 4792 مريض ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 1388517 ٿي ويو آهي.










