ڪنڌڪوٽ ۾ کوسا ۽ گولا برادري ۾ تڪرار، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

ڪنڌڪوٽ ۾ کوسا ۽ گولا برادري ۾ تڪرار، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

ڪنڌڪوٽ (ن س )ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي. ڳوٺ علي محمد خان کوسي ۾ کوسا ۽ گولا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان هٿياربندن حملو ڪيو. هٿياربندن گوليون هڻي آچر گولو کي قتل ۽ صابر گولو کي زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو. هڪ ڄڻي جي قتل ۽ هڪ جي زخمي ٿيڻ بعد ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي. ڌرين ۾ فائرنگ بعد ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو