ڪنڌڪوٽ(ن س) ڪنڌڪوٽ واسڻ ناري کي بلوچستان ۾ انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،ناري مسڪان اوڏ جي وارثن موجب مقتولا کي انسانيت سوز تشدد ڪري گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، وارث ناري جو لاش بلوچستان جي علائقي لهڙي مان ڪنڌڪوٽ کڻائي پهتا،وارثن موجب ناري مسڪان اوڏ جي جسم مٿان تشدد جا نشان آهن، مقتولا جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ناري جي وارثن الزام هنيو آهي ته مسڪان اوڏ مٿان مڙس پرڪاش، سهري اربيلو ۽ گلو اوڏ تشدد ڪيو ۽ کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، ناري جي جسم مٿان بدترين تشدد ٿيل آهي وارثن موجب مسڪان جي شادي 2 سال اڳ پرڪاش اوڏ سان ٿي هئي مڙس مسڪان کي والدين جي گهر نه ڇڏيندو هو والدين موجب مسڪان فون تي ڳالهائڻ وقت ٻڌائيندي هئي آئون ڏکي آهيان، جڏهن اسين ڌيءَ سان ملڻ لاءِ ويندا هئاسين ته اسان کي ملڻ به نه ڏيندا هئا بلوچستان پوليس وٽ وياسين پر اسان جي ڪابه مدد نه ٿي، مسڪان کي قتل ڪندڙ مڙس، سهري ۽ ٻين ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي










