اسلام آباد(بيورو رپورٽ)خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ نوان گورنر مقرر ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ جلد نوان گورنر مقرر ڪيا ويندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته فيصل ڪريم ڪنڊي کي خيبرپختونخواهه جو گورنر بڻائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ سردار سليم حيدر کي گورنر بڻائڻ جو امڪان آهي.سردار سليم حيدر خان جو تعلق اٽڪ جي تحصيل فتح جنگ سان آهي جڏهن ته فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اطلاعات سيڪريٽري آهي.فيصل ڪريم ڪنڊي 2008ع کان 2013ع تائين قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر رهيو.










