راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ڪنٽينر رستو نٿا روڪي سگهن، فوجي گهرائڻ ۽ آرٽيڪل 245 لڳائڻ جو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنو.ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي شيخ رشيد چيو ته بيلٽ بدران بُلٽ جو استعمال سڄي ملڪ ۾ سياسي باهه لڳائيندو، تباهه معيشت خطرناڪ بحران ۾ شامل ٿي ويندي.هن چيو ته حڪومت اسلام آباد ۾ 25 لک ماڻهن کي قلعي بند ڪيو ته ماڻهو مارگلا جي جبلن مان نڪري ايندا.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آرمي چيف جي بيان کانپوءِ افواهه ختم ۽ تڪڙي چونڊون ٿيڻ گهرجن.هن اهو به چيو ته فوج ڳالهين جي ميز تي ايندي ۽ صاف شفاف چونڊون ڪرائيندي.










