ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اها منفرد اليڪشن هئي، گوگل به نتيجن تي پريشان آهي، اليڪشن ڪميشن معجزو آهي ته فارم 47 اڳ ئي ٺاهيو ويو.ڪراچي جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي.شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته مون اڳ به چيو هو ته حالتون بهتر ٿيون ته چونڊون ڪرايون، مان صحيح ثابت ٿي چڪو آهيان، مون ڏٺو آهي ته ڇا ٿيو ۽ ڇا ٿيندو.،هن چيو ته توهان اهڙيون ڳالهيون نه ٿا ڪري سگهو، اڄ اقتدار جو ڪو به حقدار ناهي، مسئلو ملڪ جو آهي، ملڪ جي ڳالهه ڪريو، هي ناڪام اليڪشن آهي.اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته سڀ اقتدار جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ته مون کي اقتدار ملي، جيڪو جيترو به سمجهوتو ڪندو اهو ئي حڪومت ٺاهيندو.صحافي سوال ڪيو ته ڪنهن سان ٺاهه ڪيو وڃي؟ شاهد خاقان عباسي جواب ڏيندي چيو ته فارم 47 تي سمجهوتو ڪرڻو پوندو.هن وڌيڪ چيو ته ڪيس پنج سال هلي رهيو آهي، خبر ناهي ته الزام ڇا آهي.










