ڪلا سان عشق رکندڙ ڪلاڪار استاد اسلم تبسم بلوچ

ڪلا سان عشق رکندڙ ڪلاڪار استاد اسلم تبسم بلوچ

تحريرناشاد ملاح دنيا جي اسٽيج تي اهڙا ماڻھو تمام گهٽ هجن ٿا جڪي دنيا جي ٻين ماڻھن کان بنهين مطلب هوندا آھن انهن جو پنهنجي فن سان انتها کان وڌيڪ چاھ هوندو آھي چوڻ جو مطلب ته اهڙا پنهنجي فن سان تمام گهڻي محبت ڪندا آھن اڄ هتي اسين هڪ اهڙي ئي شخصيت جو ذڪر ڪيون پيا جنهن پڻ هڪ وڏو مثال قائم ڪيو آھي جيتوڻيڪ سندس سنڌي ٻولي سان پري پري تائين ڪوبه تعلق ڪونهي پر هن سنڌ ۾ رهندي سنڌ جي حلالي پٽ هجڻ جو فرض بهتر نموني نڀايو آھي سندس انهي عشق ۽ لڳاء مون کي مٿس لکڻ لاء اتساهيو آھي مونکي ان ڳالھ جي تمام گهڻي خوشي آھي ته هڪ اهڙو انسان جنهن کي سنڌي ڳالهائڻ ۽ لکڻ به نٿي اچي ان جي باوجود سنڌي سان سندس محبت ۽ عقيدت سڌوسنئون عشق جو اهڃاڻ ئي چئي سگهجي ٿو ان ڪردار جو مالڪ استاد اسلم تنسم بلوچ جيڪو ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ رهي ٿو سندس ڪرت جيتوڻيڪ رقص آھي پاڻ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڊانس سيکاري ٿو ان سان گڏوگڏ شوبز جي دنيا ۾ پڻ تمام گهڻو ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو پاڻ ڪهاڻيڪار پڻ آھي استاد اسلم تنسم اردو ۾ ڪهاڻيون لکي انهن کي سنڌي ۾ ترجمون ڪرائي پنهنجي خرڇ تي ٽيلي فلمون ٺاهي مارڪيٽ پيش ڪيون آھن جيتوڻيڪ ان ۾ حيرت جي اهڙي ڪابه ڳالھ ناهي پر اهو ضرور آھي ته هڪ شخص جيڪو صرف سنڌي سمجهي سگهي ٿو پر نه ڳالهائي سگهي ٿو نه وري لکي پڙھي سگهي ٿو ان جي باوجود هو سنڌي ٻولي جي لاء پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيو آھي اهو سندس سنڌي ٻولي سان عشق ئي چئي سگهجي ٿو جيڪڏھن هن کي سنڌي ٻولي سان لڳاء ۽ محبت نه هجي ها ته هو اردو يا بلوچي ۾ ئي ٽيلي فلمون ٺاهي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پئي سگهيو پر هن ائين نه ڪيو ۽ سنڌي ٻولي ۾ فلمون ٺاهيون استاد اسلم تبسم بلوچ جيڪو ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ پيدا ٿيو ۽ هن وقت ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ رهائش پذير آھي فلمي دنيا ۾ هن 1985 کان پير پاتو پاڻ ڊانس ماسٽر پڻ آھي نرت ڪلا جي دنيا جو هي ماڻهو نرت ڪلا سان گڏوگڏ فلمي سفر سان به پاڻ کي ڳنڍي هليو هن پنهنجون ڪهاڻيون اردو ۾ لکي انهن کي سنڌي ۾ ريڪارڊ ڪرايو سندس فلمن ۾ خوفناڪ ,  خوفناڪ 2 قدرت جو فيصلو , خدا جي لاء , قسمت جي راند , مسٽر ڪنگلو , چوهڙ جو سلطان , گناهگار ڪير , نيڪي بدي سميت کوڙ ساريون ٽيلي فلمون سنڌي ٻولي۾ ٺاهيون آھن پر افسوس انهي ڳالھ جو آھي جو هن وڏي ڪلاڪار کي جيڪا پذيرائي ملڻ گهرجي ها اها ملي نه سگهي آھي جيڪو سندس حق به ٿئي ٿو , جڏھن ساڻس ملاقات ٿي ته دل چيو ته اهڙي انسان تي ڪجھ سٽون لکي کيس مڃتا ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سندس اسان جي ٻولي جي لاء جيڪا ڪاوش ۽ تخليق آهي ان کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهجي استاد اسلم تبسم بلوچ ڊانس ماسٽر هجڻ سان گڏوگڏ هدايتڪار ڪهاڻيڪار ۽ اداڪار پڻ آھي ساڻس گڏ سنڌ جي مشهور اداڪارن ذلفي شاھ , نسرين ناز آصغر بلوچ عرس ناريجو غلام مصطفي لوهار اي ڪي بلوچ .مسڪان علي سميت کوڙ اداڪارن ڪم ڪيو آھي جيتوڻيڪ سندس فلمن جي لوڪيشن پڻ سنڌ جي ٻھراڙي هوندي آھي ٻي ٻولي سان تعلق رمندڙ استاد اسلم سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي بهتر نموني ڏيکاريو آھي سندس انهي عاشقي کيس سنڌ جي ٻهراڙين جو رولاڪ بڻايو آھي سندس انهي عشق جو کيس اعزاز ملڻ گهرجي ۽ سندس ڪيل محنت جو ڦل کيس ضرور ملڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جنهن دل لڳي سان هن سنڌي ٻولي لاء ڪم ڪيو آھي اهو واقعي به جس لائق انسان آھي جنهن ڪراچي جهڙي ڪٺور شھر ۾ رهندي به پنهنجي ڌرتي امڙ سان پاڻ ملهايو آھي

پهنجو تبصرو موڪليو