ڪلاچي ۾ بيگناه قتل عام جي بازار گرم

خاصخيلي لطيف راولاڻي
گذريل ٻن ٽن سالن کان ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي ڪراچي جھڙي بين القوامي شھر ۾ بي گناه انساني قتل عام جاري آھي ۔جنھن کي روڪڻ جي لاء ڪي به اپاء نه ورتا ويا آھن ۔۽ اھو مسلسل انساني قتل جاري آھي ۔عوام ۾ لاشعوري جنونيت حد کان وڌي وئي آھي ۔ڪڏھن ڪنھن ڏوھي کي پڪڙين ٿا ته پوليس جي حوالي ڪرڻ بجاء پاڻ ئي جنونيت ۽ جھالت جي انڌي کوه ۾ ڪرندي ان کي اتي ئي ماري ٿا ڇڏين ڪراچي ۾ ڪافي ھنڌن تي اھڙا واقعا ٿيا آھن جو مشتعل ۽ جاھل لاشعوري عوام ڏوھي کي مارڻ کان پوء جيئري ئي ساڙيو ڇڏين ۔پر اڄ ڏينھن تائين انھن جي خلاف ڪوبه ايڪشن نه ٿيو ۽ نه ئي ان جي روڪ لاء قانون پاس ٿيو جئين اھڙي ٻيھر حرڪت نه ڪن ۔پوليس ۽ انتظاميه ۽ حڪومت انھن دھشت گردن قاتلن جي اڳيان بيوسي جو مظاھرو ڪري خاموشي اختيار ڪندي آھي ان سان اڃان به وڌيڪ قاتلن کي پٺڀرائي ٿيندي آھي ۔۽ وقٿ گذرڻ سان وري ٻيھر اھڙا واقعا رونما ٿين ٿا ۔ڏوھي کي سزا ملڻ گھرجي اھو قانون آھي ۔پر اھو ڪھڙو قانون آھي جوپاڻ ئي فيصلو ڪن ۽ پاڻ ئي بيدردي سان ماريو ڇڏين ۔انساني قتل وڏوه آھي ۔اھو انسان ڪير به ھجي ڪھڙي به مذھب رنگ نسل سان تعلق رکندڙ ھجي ۔دنيا جو ڪوبه مذھب انساني قتل جي حمايت نٿو ڪري ۔اسان جي اسلام ۾ انسان جا وڏا حق بيان ڪيا ويا آھن انسانيت جي حقن جي واضح نموني سان پرچار ڪئي وئي آھي ۔پر ھتي قانون ۽ اسلام ته نالي ماتر آھي ۔ڪوبه شخص ڏوه ڪري ٿو يا ڪنھن کي ڪنھن تي شڪ آھي ته خود قانون ھٿ ۾ کڻڻ بجاء ان کي قانوني ادارن جي حوالي ڪيو وڃي جيڪي پاڻ پڇا ڪاڇا ڪندا۔۽ خبر پوندي ڏوھي آھن يا نه آھن ۔ڪراچي ۾ ارشاد رانجھاڻي جو واقعو به ائين پيش آيو ان جو اڃان ڪيس ھلي رھيو آھي ۔جيڪو واقعو سڀني جي آڏو آھي ۔ڪافي اھڙا واقعا به رونما ٿين ٿا جن جي ويڊيو رڪارڊنگ ۽ ثبوت نه ملڻ ڪري ميڊيا تي نشر نه ٿي سگھندا آھن ۽ انھن جي باري ۾ تمام گھٽ ماڻھن کي معلومات ملي سگھندي آھي ۔۽ اھي ظلم جا واقعا اتي جو اتي ختم ٿي ويندا آھن مدعي ڪمزور ۽ لاچار ھئڻ ڪري اعلي عدالتن ۽ انصاف جي گھرن تائين پھچي نه سگھندا آھن ۔سريلنڪا جي آفيسر جو واقعو ميڊيا تي تمام گھڻو نشر ٿيو ۔خود حڪومت به ڪوشش ورتي ۔۽ انھن سفاڪ قاتلن کي ڦاھي جو حڪم نامو ٻڌايو ويو ۔ٻھراڙي جي علائقن ۾ اھڙا ڪافي واقعا رونما ٿين ٿا جن جو تدارڪ نٿو ٿئي ۔تازو واقعو دل ڏاريندڙ ٻن سنڌي انجنئيرن جو جيڪي پنھنجي ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ لاء ڪراچي جي بدنام زمانه علائقي مڇر ڪالوني جيڪو انتھائي گندو علائقو جتي ھر قسم جي منشيات جا اڏا ۽ ٻيا غير قانوني ڪم ٿين ٿا ۔پوليس کي به اتان چڳي آمدني ٿئي ٿي ۔ان علائقي ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي شڪ جي بنياد تي ڪوڙو ڊرامو رچائي ٻارن جي اغوا جو الزام ھڻي انتھائي بيدردي سان ماريو ويو آھي جيڪو انساني قتل آھي ۔دنيا جو ڪوبه مذھب اھڙي عمل جي اجازت ڪونه ٿو ڏي ۔پر انھن وحشي درندن سفاڪ قاتلن انھن ٻنھي انجينئرن کي پٿر ھڻي سنگسار ڪري قتل ڪري ڇڏيو جنھن جي ان وقت موجود ماڻھن ڪابه مزاحمت نه ڪئي ۽ ڪنھن کي به انسانيٿ نه ھئي ته ھو ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي انھن کي ھنن وحشين کان آزاد ڪرائي ۔انھي بربريت جي خلاف آواز اٿاري يا قانون جي محافظن کي اطلاع ڪري جئين ٻه معصوم انساني جانيون بچي سگھن ۔اھڙو ڪو بروقت عمل نه ڪيو ۔۽ نه ڪو اتي علائقي ۾ سماجي سياسي اڳواڻ پھتو ۔جيڪا سراسر ظلم ناانصافي جي انتھا آھي ۔حڪومت کي گھرجي ته روز بروز ٿيندڙ اھڙن واقعن کي ٻنجو ڏيئي ۽ بيگناه انساني قتل عام بند ڪيو وڃي ۔قاتلن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاسي ڏني وڃي ته جئين ايندڙ وقتن ۾ اھڙا واقعا ٻيھر نه ٿين ۔حڪومت اھڙا قاعدا قانون جوڙي جئن ٻيھر اھڙا واقعا رونما نه ٿين

پهنجو تبصرو موڪليو