ٻالڪپڻ کان اڳتي نڪري اچڻ باوجود ننڍڻ جون جيڪي يادون تازيون آهن انهن مان پاڙي جي هڪ دڪان جو بورڊ به شامل آهي ”ڪشمير هيئر ڊريسنگ اينڊ گرم حمام، پروپرائيٽر محمد اسلم مجبور“.
محمد اسلم مجبور شاعر نه هيو پر ان زماني ۾ هر ٽيون شخص تخلص ضرور رکندو هيو. مثال طور گَوگَي کير ۽ ڏهي وڪڻڻ واري جي بورڊ تي لکيل هوندو هو ”پروپرائيٽر جاويد علي راهي يا نور پرنٽنگ پريس جو پروپرائيٽر طارق محمود آزرده“ وغيرهه وغيرهه.
ڪشمير هيئر ڊريسنگ اينڊ گرم حمام ان لاءِ ياد آهي ته دڪان جي اندر لٽڪيل گتي تي لکيل هوندو هيو ته ”ڪشمير جي آزاديءَ تائين اوڌر بند آهي“ ٻيو اهو ته پروپرائيٽر محمد اسلم مجبور باقاعدگيءَ سان مشرق اخبار خريد ڪندو هو.
مونکي انهيءَ شرط تي اخبار پڙهڻ جي اجازت هئي ته مان وڏي آواز ۾ پڙهي ٻڌائيندس ته جيئن محمد اسلم مجبور پاڪي ۽ قينچي به هلائيندو رهي ۽ کيس تازين ترين خبرن جي آگاهي به ملندي رهي.
اهو پاڪستاني اداڪاره شميم آرا جي عرو وارو دور هيو. شميم آرا ڪنهن انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته مان ان سان شادي ڪنديس جيڪو سري نگر تي پاڪستاني جهنڊو جهولائيندو. ان انٽرويوءَ کانپوءِ اسلم مجبور جي دڪان تي صدر ايوب جي تصوير سان گڏوگڏ شميم آرا جو پوسٽر به لڳي ويو.
گهڻو پوءِ معلوم ٿيو ته اسلم مجبور به ٻين هزارين مهاجرن وانگر ورهاڱي کانپوءِ ڄمونءَ کان پاڪستان طرف ڌڪيو ويو. جڏهن نئين ملڪ ۾ ڪجهه نه ٿي سگهيو ته هڪ استاد کان ڪم سکي حجامڪو دڪان کوليائين. وقت گذرندو ويو. هڪ ڏينهن اسلم مجبور به گذاري ويو. دڪان اتي جو اتي رهي بس ان ۾ ڪم ڪندڙ ۽ بورڊ بدلجي ويا ۽ پوءِ دڪان به ڊهي پيو.
زمانو فاسٽ فارورڊ ٿي ويو. مئي سال 2009 ۾ لوڪ سڀا جي اليڪشن جي ڪوريج ڪرڻ خاطر گھڻين ٻين ڀارتي رياستن کان علاوه انڊيا انتظام هيٺ رهندڙ ڄمون ۽ ڪشمير به وڃڻ ٿيو.
اننت ناگ ۾ هڪ پولنگ اسٽيشن ٻاهران ووٽرن جي قطار ۾ منهنجي نگاهه 70-75 سالن جي هڪ بزرگ تي پئي. مون کانئس پڇيو ”توهان به. بائيڪاٽ نه ڪيو اَٿَوَ ڇا؟“ چيائين ”پٽ آزادي ته جڏهن ملندي تڏهن ڏٺو ويندو. في الحال ته روڊ، پاڻيءَ بجليءَ ۽ ٻارن لاءِ روزگار گھرجي“.
اڄ وري پاڪستان ۾ سڀ کان اهم رياستي ڳالهه ڪشمير جي آزادي آهي جنهن جو خواب ڏسندي ڏسندي اسلم مجبور حجم ۽ اداڪاره شميم آرا گذري ويا ۽ شايد اننت ناگ جو اهو پوڙهو ووٽر به هي جهان ڇڏي ويو هوندو.
يقينن هڪ ڏينهن ڪشميرين کي آزادي ملندي يا ممڪن آهي ته ”ڪشمير بني گا پاڪستان“ به ٿي وڃي پر جيستائين ايئن نه ٿو ٿئي تيستائين ٻيا ڪجهه ضروري ڪم ڇو نه اُڪلائي وٺجن.
مثال طور ڇا ممڪن آهي ته ”ڪشمير جي آزاديءَ کان پهريان پهريان پاڪستان ۾ پوليو جو 100 سيڪڙو خاتمو اچي وڃي ته جيئن 100 سيڪڙو پوليو فري موجوده ڪشمير جڏهن پاڪستان ۾ شامل ٿئي ته اهو وائرس ڪنهن تازي ڄاول ڪشميري ٻار کي نه وِچڙي.
تيستائين تعليمي نظام جو قبلو ئي گھٽ ۾ گھٽ ان حد تائين درست ڪيو وڃي ته جيئن گھٽين ۾ لُور لُور گھمندڙ اڍائي ڪروڙ پاڪستاني ٻارن ۾ لکين تازو آزاد ٿيل ڪشميري ٻارڙا شامل ٿيڻ کان بچي وڃن.
ڇا اها اميد رکي وڃي ته ”ڪشمير بني گا پاڪستان“ کان پهريان گھٽ ۾ گھٽ ايترا پوليس سڌارا ٿي وڃن ته نون ڪشميرين کي به عام پاڪستاني شهرين کي درپيش پوليس جي مارڪٽ جهڙي ذلت نه سهڻي پوي جنهن کان بچڻ لاءِ ئي هو ايتري جدوجهد ڪري رهيا آهن.
ڇو نه تيستائين پاڪستاني معيشت ان لائق بڻائي وڃي ته امڪاني طور تي نئين نئين شامل ٿيڻ وارن 80 لک ڪشميرين کي اگر خوشحال نه بڻائي سگهجي ته پوءِ به گھٽ ۾ گھٽ غربت جي ليڪر کان هيٺ کين کسڪڻ نه ڏجي.
۽ ڇا دل جي ڳالهه بنان ڪنهن ڊپ ڊاوَ جي زبان تي آڻڻ وارو ڪلچر تيستائين نافذ ٿي ويندو ته جيئن نون ڪشميرين کي واقعي يقين ٿي وڃي ته هو نسل در نسل ڪهڙي نه ٻوسٽ ۾ گذارڻ کانپوءِ اهڙي کليل فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهن جتي عزت نفس جو احترام ڪيو وڃي ٿو.
هاڻي به وقت آهي سوچي وٺجي.
اگر اهي بنيادي ڪم به ڪشميرين جي آزاديءَ کان پهريان پهريان ممڪن نه آهن ته پوءِ ”ڪشمير بني گا پاڪستان“ بجاءِ ڪشمير بني گا خودمختار تائين ئي رهجي ته جيئن آزاديءَ کانپوءِ ڪشميري اسان مٿان ڪو الزام مڙهڻ بجاءِ پنهنجا مسئلا پاڻ ئي سلجهائي سگهن ۽ سندن ذهن ۾ اها ڳالهه نه اچي ته هڪ ڪاري جي پنجوڙ مان نڪري ٻئي ڪاري جي پنجوڙ ۾ ڦاسجڻ جو ڀلا فائدو ڇا ٿيو؟
(بي بي سي اردوءَ جي ٿورن سان)










