ڪشمور (ن س )ڪشمور مان هٿياربندن هٿان وڌيڪ ٻن ڄڻن جي اغوا ٿيڻ بعد مغوين جو انگ 9 ٿي ويو. ڊرکڻ بنگلي ويجهو هٿياربند هٿيارن جي زور تي ڳوٺ نصير محمد گوليو واسي ٻن پورهيتن جمعو گولو ۽ ولايت گولو کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا.ٻن پورهيتن جي اغوا ٿيڻ بعد مغوين جو انگ وڌي 9 ٿي ويو.اغوا ٿيلن ۾ جمعو گولو، ولايت گولو، راجيش ڪيسواڻي، محمد شريف دايو، آصف علي دشتي، حبيب الله سرڪي، عبداللطيف پٺاڻ، ظهير چاچڙ ۽ غلام حسين دشتي شامل آهن.ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته صبح پورهيت جمعو گولو ۽ ولايت گولو زمين تي ڪم ڪرڻ لاءِ ويل هئا، جتان موٽرسائيڪل سوار هٿياربند کين اغوا ڪري ويا آهن.










