ڪشمور جا ترقياتي منصوبا 12 سالن کان رولڙي ۾، جي ايم کوسو

ڪشمور ضلعو جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ جو آخري ضلعو آهي جيڪو ٽن صوبن جي سنگم تي آھي جتي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان صوبا ملن ٿا ڪشمور ضلعي ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جا ماڻھو اچي ڪاروبار ۽ محنت مزدوري ڪن ٿا. ڪشمور ضلعو ڄام صادق جي دور ۾ جيڪب آباد کان ٽوڙي ڪشمور ڪنڌڪوٽ۽تنگواني جي 3 تعلقن تي جوڙيو ويو هو. ڪشمور ضلعي کي 15 سال گذري ويا پر ضلعي ۾ ڪي خاطر خواھ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري ۽ قدرتي آفتن جنهن ۾ 2008 ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جي پھاڙن مان نيون وھي اچڻ ڪري ڪشمور۔ڪنڌڪوٽ۔۽ تنگواني جو 80 سيڪڙو بنيادي ضرورت جون شيون مڪمل تباھ ٿي ويون هيون. جنهن ۾ روڊ رستا، بلڊنگ، آبپاشي نظام، ناليون، آفيسون پڻ متاثر ٿيون هيون. 2010۾ ٽوڙي بند ۽ 2012 ۾ برساتن جي ڪري پوري ضلعي جو انفرااسٽرڪچر تباھ ٿي ويو هو. جنھن جي ڪري سمورو ضلعو کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳو ايتري قدر جو ڪنڌڪوٽ۔غوثپور۔ڪرمپور۔دڙي شھرن کي وڏو نقصان پهتو هو. 15 سال گذري وڃڻ بعد به ڪشمور ضلعي ۾ انيڪ مسئلا آھن جيڪي ڪجھ ھيٺ ڏجن ٿا ھتان جا چونڊيل پ پ پ ايم اين ايز ايم پي ايز هر سال مليل فنڊن جون اسڪيمون ڏيڻ باوجود ڪشمور ضلع کي هن وقت تائين ڪوبه ميگا منصوبو نه ملي سگهيو آهي، مليل منصوبا پڻ هن وقت تائين رولڙي جو شڪار بڻيل آهن،ڪشمور ضلعو ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ جي مڙني ضلعن کان پوئتي پئجي چڪو آهي. ڪشمور ۾ گذريل 11 سالن کان پيپلز پارٽي حڪمراني ڪري رهي آهي، پر بدقسمتي سان ڪشمور ضلع کي ڪي به بنيادي سهولتون ته ڪونه ملي سگهيون آهن پر گذريل ٻن مالي سالن جي بجيٽ ۾ به ڪشمور ضلعي لاءِ اي ڊي پي اسڪيمن ۾ نه نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڪشمور جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي ڪشمور سردار احسان الرحمان مزاري، ايم پي اي ڪشمور حاجي عبدالرئوف کوسو، ايم پي اي ڪنڌڪوٽ مير غلام عابد سندراڻي، ايم پي اي تنگواڻي مير شبير علي بجاراڻي طرفان اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏنيون ويون جيڪي درخواستون سنڌ جي وڏي وزير قبول ڪندي ليٽر پڻ جاري ڪيا پر تنهن باوجود هڪ به منصوبي تي ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته چونڊيل نمائندن طرفان اڳوڻي صدر ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي ڏنل درخواستن ۾ اڪثريتي منصوبا پرويز مشرف جي اقتدار ڇڏڻ بعد پهرين پيپلز پارٽي جي دور 2009ع، 2010ع، 2012ع ۾ شروع ڪيا ويا هئا جنهن کي ڳچ عرصو گذرڻ باوجود اهي منصوبا مڪمل نه ٿي سگهيا آهن. ڄاڻايل منصوبن ۾ ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل، شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ڪيمپس، آءِ بي اي يونيورسٽي ڪيمپس، ڪيڊيٽ ڪاليج ڪنڌڪوٽ، پبلڪ لائبريري ڪشمور، گرلز ڊگري ڪاليج ڪشمور، بوائز ڊگري ڪاليج ڪشمور، مونوٽيڪنيڪل ڪاليج ڪالوني ون ڪشمور، پبلڪ لائبريري تنگواڻي، گرلز ڊگري ڪاليج تنگواڻي، اسپورٽس ڪامپليڪس ڪالوني ون ڪشمور، فئملي پارڪ تنگواڻي، روشن سنڌ پروگرام تحت تنگواڻي ۾ اسٽريٽ لائيٽون لڳائڻ، اين آءِ سي وي ڊي سينٽر ڪشمور، ٽراماسينٽر ڪشمور، فائربرگيڊ گاڏيون، چٽي مسجد گئس پائيپ لائين منصوبو، ڪشمور ۾ يوٿ افيئر جون 2 عمارتون، اناج منڊي غوثپور، بس ٽرمينل غوثپور، اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ڪشمور، سيف هوم(اڳوڻو ريسٽ هائوس) ڪالوني ون ڪشمور، فلٽرپلانٽ تنگواڻي، پي ٽي سي ايل ايڪسچينج تنگواڻي، ملوڪ ڏاهاڻي ڊسپينسري، ٺل کان تنگواڻي روڊ، ڪشمور گيهلپور بڊاڻي روڊ، علي داد مزاري چنڊول بنگلو بڊاڻي روڊ، انڊس هاءِ وي گلشير جکراڻي شاهي واھ روڊ، ڪنڌڪوٽ خيرشاھ روڊ شاهي واھ کي پل، انڊس هاءِ وي کان راڻو تائين روڊ سميت 200 کان وڌيڪ روڊ، سوين اسڪول ۽ بلڊنگ کاتي، ايجوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ سميت ڊسپينسرين جا ڪم رولڙي جو شڪار بڻيل آهن، گذريل 2 مالي سالن دوران ڪشمور ضلع کي اي ڊي پي اسڪيمن لاءِ فنڊ جاري نه ٿي سگهيا آهن، فنڊ نه هئڻ ڪري ٺيڪيدارن بلڊنگ، اسڪول، روڊ، نالين سميت سڄي ضلعي جي انفراسٽڪچر جا هلندڙ ڪم بند ڪري ڇڏيا آهن، ڪم بند هئڻ ڪري ٺهيل اسٽرڪچر جهري ۽ ڀري رهيا آهن روڊ جا بنياد ناڪارا ٿي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ شهرين ساڃاھ وندن طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، واضع رهي ته 26 آڪٽمبر تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان ڪنڌڪوٽ ۾ جلسو ڪيو ويو هو جنهن بعد 27 آڪٽمبر تي مزاري هائوس ۾ چانهه پارٽي دوران ايم پي اي ڪشمور حاجي عبدالرئوف کوسو طرفان پ پ چيئرمين آڏو پنهنجا مطالبا ٻيهر پيش ڪيا ويا جنهن تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يقين ڏياريندي چيو ته ڪشمور ضلع کي جلد فنڊ جاري ڪيا ويندا پر هن وقت تائين ڪشمور ضلع جا بند پيل ترقياتي منصوبا شروع نه ٿي سگهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو