ڪرم ايجنسي ۾ جهيڙو 50 فوت، فائر بندي تي اتفاق

ڪرم ايجنسي ۾ جهيڙو 50 فوت، فائر بندي تي اتفاق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪرم ايجنسي ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن قبيلن ۾ هڪ هفتي کان جاري خوني تڪرار 50 حياتيون ڳڙڪائڻ بعد اڱاري تي فائر بندي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب فاٽا جي ڪي پي ۾ ضم ٿيڻ بعد بوشهرا ۽ ماليخيل قبيلن ۾ 24 جولاءِ تي خوني تڪرار شروع ٿيو هو. جيڪو قبائلي جرڳي جي ڪوششن سان آچر تي ٺاپر تي متفق ٿيا هئا، سومر تي وري ڌرين خودڪار هٿيارن ميزائيلن، رڪيٽ لانچرز سان هڪٻئي تي حملا شروع ڪيا ۽ 14 خون سومر تي ٿيا جنهن سبب 6 ڏينهن ۾ مري ويلن جو انگ 50 ٿي ويو. ڊي سي ڪرم جاويد محسود اڱاري تي فائربندي ٿيڻ ۽ ڌرين پاران مورچا خالي ڪرن ۽ سيڪورٽي فورسذ جي تعيناتي جي تصديق ڪئي آهي. سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر مير حسن جان 210 ماڻهن جي زخمي هجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته انهن مان 12 جي حالت نازڪ آهي جن کي پشاور منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گزريل سال به ٻنهي قبيلن م زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ 25 خون ٿيا هئا. صوبائي حڪومت روينيو معاملن جو تڪرار حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي هئي ۽ معاملي کي نظرانداز ڪندي رهي. خوني جهيڙي سبب اسڪول اڃا بند آهن، ڪوهاٽ روڊ بند هئڻ سبب علائقي م کاڌي پيتي جي سامن ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو