ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ گارڊ قتل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ ڦر دوران مزاحمت تي جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ سڪيورٽي گارڊ مارجي ويو.پوليس موجب موٽرسائيڪل تي سوار جوابدار سڪيورٽي گارڊ ۽ سندس دوست کي ڦر ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب جڏهن سڪيورٽي اهلڪارن پستول ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن مٿن فائرنگ ڪري ڏني.ٻئي طرف کوکراپار مان لياري گينگ وار جي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن وٽان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي. ان کان علاوه گلستان جوهر پرفيوم چوڪ وٽ شهرين مبينا چور کي پڪڙي ورتو، جنهن کي تشدد بعد پوليس حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو