ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو

ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي سرجاني سيڪٽر 10 ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.پوليس موجب مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ اشفاق جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو بس اسٽينڊ جو چوڪيدار هو.پوليس موجب وارثن موجب جوابدارن مقتول کان پستول ۽ رقم پڻ ڦر ڪئي.ٻئي طرف عباسي شهيد اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بس اسٽينڊ تي ڪم ڪندڙ مڪينڪ ۽ واقعي جي اکين ڏٺي شاهد نعيم ٻڌايو ته هو بس اسٽينڊ تي مڪينڪ طور ڪم ڪري ٿو.نعيم ٻڌايو ته مان ڪمري ۾ سمهي رهيو هوس، ڌاڙيل اشفاق کي بندوق جي زور تي اندر وٺي ويا، جوابدار اڳ به اشفاق کي تشدد جو نشانو بڻايو. نعيم ٻڌايو ته جڏهن ڌاڙيل ڪمري ۾ آيا ته مون کي به تشدد جو نشانو بڻايو، جوابدار اشفاق کان پستول ۽ نقدي ڦري ورتي، جڏهن هن مزاحمت ڪئي ته ڌاڙيلن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو