ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 6 ڌاڙيلن هڪ واپاري کان 45 لک رپيا نقد ۽ هڪ موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا.پوليس موجب، هي واقعو قائد آباد ۾ پيش آيو، جتي 6 ڌاڙيلن ڪالهه 3 واپارين کي ڦريو.پوليس چيو ته جوابدارن واپاري کان 45 لک رپيا ۽ هڪ موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا. متاثر واپاري جي شڪايت تي شاهه لطيف پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس جي متن موجب، واپاري پنهنجي ٻن ڪزنن سان گڏ جانور خريد ڪرڻ وڃي رهيو هو ته ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار 6 جوابدارن کيس بندوق جي زور تي روڪيو ۽ 45 لک رپيا ڦرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا.










