ڪراچي ۾ هڪ مهيني اندر ڦر دوران مزاحمت تي 19 شهري قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس بي رحم اسٽريٽ ڪرمنلز کي سوگهو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي شهر ۾ گذريل مهيني مئي ۾ 19 شهري ڦر دوران مزحمت تي قتل ۽ ڪيترائي زخمي ڪيا ويا ڪراچي ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم جي مقابلي ۾ ڪراچي پوليس پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي جڏهن ته بي لغام ڦورو آزاداڻي طور تي شهرين کان ڦرلٽ ۽ کين مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ کان به ڪين پيا ڊڄن گذريل مهيني مئي جي مهيني ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۾ پيءُ، پٽ، پوليس اهلڪار، دڪاندارن، پورهيت ۽ ٻيا شهري شامل آهن مئي ۾ سڀ کان وڌيڪ واقعا ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ پيش آيا جن ۾ ڦردوران مزاحمت تي ٻن پوليس اهلڪارن سميت 7 شهرين کي قتل ڪيو ويو ڊسٽرڪٽ اولهه ۾ بي لغام ڦورن 6 شهرين کان حياتيون کسي ورتيون ضلعي ڪيماڙي ۽ ضلعي سينٽرل ۾ ڦورن 2،2 شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪورنگي ضلعي ۾ ڦورن پهريان پٽ کي تنهن کان پوءِ سندس والد کي به گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۽ ڊسٽرڪٽ سٽي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل جي هڪ به واردات رپورٽ ناهي ٿي گذريل مهيني مئي جي انگن اکرن مطابق 30 اپريل، ۽ پهرين مئي جي وچ واري رات گلشن اقبال بلال 11 ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ قيدين جو مالڪ 30 ورهين جو احسن مارجي ويو 4 مئي تي منگهوپير جي علائقي اورنگي ٽائون الطاف نگر 100 فوٽ روڊ تي ڦر جي واردات دوران مزاحمت تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي يو سي ڪميٽي جي ميمبر 52 سالن جي عبدالسلام کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو 5 مئي تي اورنگي ٽائون 14 نمبر غزاله اسڪول جي ويجهو ڪريانه جي دڪان تي مزاحمت تي ڦورن جي فائرنگ ۾ 3 ورهين جو شبير مارجي ويو 6 مئي تي سرجاني ٽائون ۾ فرحيم هال ويجهو ڦورن گوليون هڻي پوليس اهلڪار عظيم اقبال کي قتل ڪيو 7 مئي تي گلبهار جي علائقي سينيٽري مارڪيٽ جي دڪان ۾ ڦر دوران مزاحمت تي پلمبر 25 ورهين جو دانيال قتل ۽ 50 ورهين جي سليم کي ڦورن زخمي ڪري ڇڏيو 8 مئي تي منگهو پير گلزار آباد ۾ رقم ۽ موبائيل فون کسڻ جي ڪوشش دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ 28 ورهين جو خانزاده مارجي ويو 11 مئي تي ڪورنگي ڪلو چوڪ جي ويجهو ڦر جي مزاحمت تي اظهر حسين کي قتل ڪيو ويو 12 مئي تي ٽيپوسلطان جي علائقي ۾ برياني سينٽر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي دڪان جي ملازم 52 ورهين جي عظيم کي قتل ۽ مالڪ فضل محمد قادري کي ڦورن گوليون هڻي زخمي ڪيو 13 مئي تي سعيدآباد پوليس ٽريننگ سينٽر ويجهو ڦورن جي فائرنگ سان 35 ورهين جو ناصر خٽڪ مارجي ويو 15 مئي تي محمود آباد ۾ گئس سلينڊر جي دڪان ۾ ڦورن جي فائرنگ سان 20 ورهين جو سجاد نيازي مارجي ويو 17 مئي تي سئيڊ سپر هاءِ وي احسن آباد مشرق سوسائٽي ويجهو ڦورن جي فائرنگ ۾ شهري عبدالباسط ۽ عوامي ڪالوني جي علائقي ڪورنگي نمبر 4 ڪلو چوڪ ويجهو ڦورن جي فائرنگ ۾ امام بارگاهه جي ٽرسٽي 60 ورهين جي صفدر حسين کي قتل ڪيو ويو مقتول صفدر حسين جي پٽ کي به 11 مئي تي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو هو 20 مئي تي سرجاني ٽائون ۾ گهر اندر ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ سان 25 ورهين جو دانيال قتل جڏهن ته ان جا ٻيا 3 ڀائر زخمي ٿيا 24 مئي تي منگهوپير جي علائقي اورنگي ٽائون سيڪٽر ساڍا 11 الطاف نگر ۾ موٽر سئيڪل سکڻ دوران مزاحمت تي 22 ورهين جو مزمل جيڪو موٽر سائيڪل جو مڪينڪ هو گوليو هڻي قتل ڪيو ويو 25 مئي تي بدليه يوسف ڳوٺ بروهي محلي ۾ ڪريانه جي دڪان تي ڦر دوران ڦورن جي فائرنگ سان دڪاندار 55 ورهين جو منير حسين مارجي ويو 27 ۽ 28 جي وچ واري رات بلوچ ڪالوني جي علائقي منظور ڪالوني ۾ موٽر سائيڪل سوار چئن ڦورن واردات دوران ڇتي فائرنگ ڪئي جنهن سبب برگر فروش 30 ورهين جو عديل احمد مارجي ويو. 28 مئي تي سائيٽ سپرهاءِ وي جي علائقي اسڪيم 33 نيو سبزي منڊي ڪي ڊي اي روڊ تي سنڌي هوٽل ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي 25 ورهين جي نديم کي قتل ۽ سندس ننڍي ڀاءُ ولي جان کي زخمي ڪري ڇڏيو 29 مئي جي رات بلوچ ڪالوني جي علائقي ڊفيس ويو فيز ون ۾ ڦورن جي فائرنگ سان ٽريفڪ پوليس اهلڪار وارث خان شهيد ٿي ويو جڏهن ته ڦورو شهيد اهلڪار کان سرڪاري هٿيار به کسي فرار ٿي ويا 29 ۽ 30 مئي جي وچ واري رات گلبرگ بلاڪ 10 عائشه منزل صدر آرڪيڊ ويجهو ڦورن جي فائرنگ ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان 26 ورهين جو دانش مارجي ويو جنهن جي عيدالضحي کان پوءِ شادي ٿيڻي هئي. واضح رهي ته هلندڙ سال جي پهرين پنجن مهينن اندر ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ سان ڪل 62 ڄڻا پنهنجون حيداتيون وڃائي ويٺا جنهن ۾ رينجرز جو جوان، 3 پوليس جا جوان، ٻه عورتون، پي ءُ پٽ، دڪاندار ۽ برگر فروش سميت ٻيا شهري شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو