ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي شڪايت لاءِ هيلپ لائن بحال

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اينٽي ربيز ڪنٽرول پروگرام جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر چيو آهي ته رولو ڪتن جي شڪايت لاءِ ايپ تيار ڪئي وئي آهي.ڪراچي ۾ رولو ڪتن خلاف ڪارروائي ۽ ويڪسين جي عدم فراهمي بابت درخواست تي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي.اينٽي ربيز ڪنٽرول پروگرام جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جواب جمع ڪرائيندي چيو ته ڪتن جي چڪڻ جي واقعن جي شڪايت لاءِ ٺاهيل هيلپ لائن 1093 بحال ڪئي وئي آهي.عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو ته جنوري 2022 کان مارچ 2024 تائين 19 هزار کان وڌيڪ ڪتن کي ويڪسين لڳائي وئي، چار ضلعن ۾ ربيز ڪنٽرول سينٽر ٺاهيا ويا آهن، رولو ڪتن جي وڌندڙ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون ٺاهيا ويا آهن.جواب ۾ چيو ويو ته صوبي جي هر ضلعي ۾ ڊاگز پاپوليشن ڪنٽرول سينٽر ٺاهيا ويندا، 29 فيبروري تي هر ضلعي ۾ ڊاگز پاپوليشن ڪنٽرول سينٽر ٺاهڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.جواب ۾ ٻڌايو ويو ته رولو ڪتن ۽ چڪڻ جي واقعن بابت شڪايت لاءِ موبائل ايپ به تيار ڪئي وئي آهي، رمضان کانپوءِ عوام لاءِ اها ايپ بحال ڪئي ويندي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شهري رولو ڪتن بابت تصور ۽ پتي سان گڏ شڪايت ڪري سگهن ٿا، رولو ڪتن جي ويڪسينيشن جو سلسلو جاري آهي.عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو