ڪراچي ۾ رات دير سان مبينا مقابلا، 6 جوابدار زخمي، 7 گرفتار

ڪراچي ۾ رات دير سان مبينا مقابلا، 6 جوابدار زخمي، 7 گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) قائد جي شهر جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان مبينا مقابلن دوران 6 زخمين سميت 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان اسلحو، ڦريل سامان ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.پاڪستان بازار پوليس الطاف نگر ويجهو ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 3 زخمين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي پاسي، شاهه لطيف پوليس جو سيڪٽر 17-اي ويجهو جوابدارن سان مبينا مقابلو ٿيو، جنهن کانپوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي. يوسف پلازا پوليس جوابدارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته اسٽيل ٽائون پوليس پڻ مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيل جوابدار جا ٻيا ساٿي فائرنگ ڪندا فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان اسلحو، موبائل فون، نقدي، موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو