ڪراچي ۾ بدامني تي وفاق مداخلت ڪري: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ وڌندڙ بدامني تي ايم ڪيو ايم وفاق کان مداخلت جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ بدامني تي وفاق کان مداخلت جو مطالبو ڪيون ٿا. ايم ڪيو ايم جي نسرين جليل جو چوڻ هو ته اسان جنازا کڻي کڻي ٿڪي پيا آهيون، شهر ۾هر طرف خوف وارو ماحول آهي. علي خورشيد چيو ته اسٽريٽ ڪرائم جو مسئلو ايم ڪيو ايم جو مسئلو ناهي، جيڪي وزير چوندا آهن ته امن امان جي صورتحال بهتر آهي انهن کي شرم اچڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو قتل ٿيا آهن انهن جي وارثن کان پڇيو وڃي ته انهن سان ڇا پيو ٿئي.ٻئي پاسي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايم ڪيو ايم جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن تي سڀ کان وڌيڪ رڙيون ايم ڪيو ايم وارا ڪندا آهن ۽ اهي اهڙو مطالبو نه ڪن، جنهن ۾ پاڻ متاثر ٿين.

پهنجو تبصرو موڪليو