ڪراچي ۾ اڄ به گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان

ڪراچي ۾ اڄ به گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اڄ به گرمي جي شدت محسوس ٿيڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، هوا ۾ نمي جو تناسب وڌيڪ هجڻ سبب گرمي جي شدت 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ٿي سگهي ٿي.موسميات کاتي موجب شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي رفتار 10 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اتر اولهه کان وهي رهي آهي.موسميات کاتي موجب اڄ ڏينهن دوران سامونڊي هوائون ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو