ڪراچي /لاهور(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٽماٽر جي اگهه ۾ اوچتو واڌ ٿي وئي آهي.شهر قائد ۾ هڪ ڪلو ٽماٽر جو اگهه 160 رپيا ٿي ويو آهي.واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ٽماٽا 60 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا هئا. ٻئي طرف لاهور ۾ ٽماٽن جي اگهه ۾ 40 رپيا واڌ کانپوءِ ٽماٽو 120 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. ٻه ڏينهن اڳ لاهور ۾ ٽماٽا 80 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا هئا.ان حوالي سان دڪاندار جو چوڻ آهي ته برساتن سبب ٽماٽن جي کوٽ وڌي رهي آهي، ڪوئيٽا مان 10 بدران 3 ٽماٽن جون ٽرڪون اچي رهيون آهن.مارڪيٽ ذريعن موجب لاهور ۾ ٻين ڀاڄين ۽ ميون جا اگهه به وڌي رهيا آهن.










