ڪراچي(پ ر )يونيورسٽي روڊ تي ڪالھ 84 انچن جي پاڻي جي مين لائين متاثر ٿي ھئي اطلاع ملڻ تي واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن فوري طور تي پاڻي جي اوور فلو تي ضابطو آندو جنهن بعد يونيورسٽي روڊ کي مڪمل ڪليئر ڪرايو ويو اختيارن جو جو چوڻ هو تہ 84 انچن جي مين لائين ۾ پاڻي جي سخت دٻاءُ سبب لائين جي عارضي مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن تہ لائين جي مستقل مرمت جي ڪم جي لاءِ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تان شٽ ڊائون وٺڻو پوندو ڇاڪاڻ تہ 84 انچن جي مين لائين کي مڪمل طور تي خالي ڪري انجي اندر وڃي ڪري لائين جو مڪمل معائنو ڪرڻو پوندو جنهن بعد لائين جي مستقل مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويندو اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو تہ يونيورسٽي روڊ جي لائين جي مستقل مرمت جي ڪم جون تياريون ڪيون پيون وڃن ۽ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تان شٽ ڊائون وٺڻ جي لاءِ رٿابندي ۽ مشاورت ڪئي پئي وڃي










