ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڄ کان سنڌ ٿڌي لهر جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿي.موسميات کاتي موجب اڄ رات کان مٿانهين سنڌ ۾ گرمي پد 7 کان 9 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وچ سنڌ ۾ گرمي پد 9 کان 11 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.ڏکڻ سنڌ ۾ رات جو گرمي پد 10 کان 12 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.ان کان علاوه ڪراچي ۾ اڄ ۽ آچر جي رات گرمي پد 11 کان 13 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب اتر اوڀر ۽ اتر اولهه طرف کان خشڪ ۽ ٿڌيون هوائن جو سلسلو جاري رهندو.










