ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ 8 محرم الحرام جي مرڪزي جلوس لاءِ سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. پوليس صدر، ريگل چوڪ ۽ آسپاس جي رستن ۽ گلين کي بند ڪري ڇڏيو آهي.پوليس پاران جلوس جي روٽس ۾ اچڻ وارن دڪانن کي پڻ سيل ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب، 8 محرم جو جلوس برآمد ٿيڻ کان اڳ جلوس جي لنگهه (گذرگاهه) کي مڪمل طور بند ڪيو ويندو.










