ڪتن ۽ ماڪڙ لاء ويگو گاڏيون ضروري آھن ڇا

ڪتن ۽ ماڪڙ لاء ويگو گاڏيون ضروري آھن ڇا

تحرير محمد خالد ميمڻ
دنيا اندر عوام جي ووٽ تي چونڊجي آيل حڪومتن جا سربراه نمائنده جڏهن به ڪو فيصلو ڪندا آھن ته فيصلي کان اڳ ان فيصلي سان عوام مٿان پوندڙ اثرن نقصانن ۽ فائدن جون ڳالهيون ضرور سوچيندا آهن ۽ جيڪو فيصلو عوام جي نقصان ۾ سمجهندا آھن ته ان کي پنهنجي ڪابينه جي اندر ئي ختم ڪري ڇڏيندا آھن ۽ عوام جي فائدي عوام جي سک ۽ سهولتن وارا فيصلا ڪري عوام جي ۽ پنهنجي ضمير جي حمايت پڻ ماڻيندا آھن ۽ اڳتي هلي ڪري سندن ڪيل فيصلن جي آڌار تي اتان جو عوام کين اڳتي جي لاء ووٽ ڏئي چونڊيندو آھي يان وري کين مسترد ڪري ڇڏيندو آھي سنڌي عوام جي ووٽ سان چونڊيل گذريل 13 سالن کان مسلسل سنڌ صوبي تي حڪمراني ڪندڙ سنڌ حڪومت اڳ ۾ ماڪڙ پڪڙڻ لاء ڪروڙين روپين جون 45 قيمتي ويگو گاڏيون خريد ڪيون هيون ۽ هاڻي وري سنڌ ڪابينه ڪروڙين روپيا منظور ڪري رولو ڪتا پڪڙڻ لاء ٻيون ويگو گاڏيون خريدڻ جو فيصلو ڪيو آھي جڏهن ته ٻئي پاسي سڄي سنڌ جا ماڻهو صحت جون سهولتون نه ملڻ سبب ارڙي,خوراڪ جي کوٽ ,مليريا , سائي,مدي جي بخار سبب مري رهيا آھن گڏوگڏ جر جو پاڻي خراب ٿيڻ پاڻي ۾ سينکيو ۽ ٻين صحت لاء خطرناڪ ايسڊس جي موجودگي سبب صاف پاڻي جا پلانٽ نه لڳڻ جي ڪري بي يارو مددگار موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آھن ته مٿان وري هي ڪورونا وائرس اچي ماڻھن ۾ ٻڙڌڪ مچايو آھي جنهن سبب عوام سخت پريشانين ۾ مبتلا آھي پر سنڌ حڪومت اهڙا ته عجيب و غريب عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جهڙا فيصلا پئي ڪري جنهن تي جيترو به افسوس ڪجي اهو گهٽ آھي هنن کي ذرو برابر به احساس نه ٿو ٿئي ته اسان ڪيئن عوام جي ڏنل ٽئڪسن جي پئسن جو غلط استعمال پيا ڪريون ۽ کين اهو به خوف نه ٿو ٿئي ته اهڙا عوام دشمن فيصلا ڪري اسان عوام لاء ڪهڙو پيغام ٿا ڇڏيون ڪتن کي پڪڙڻ,کڻي اسپتال پهچائڻ ۽ پوء انهن کي کسي ڪرڻ جي وئڪسين هڻڻ جي لاء ايتريون قيمتي گاڏيون خريد ڪرڻ جي آخر ضرورت ڪهڙي آھي اوهان ان جي لاء هلڪيون شھزور گاڏيون,ڊاٽسنون,سوزوڪي پڪ اپ وٺي سگهون ٿا پر انهن جي وٺڻ جي به ڪهڙي ڳالھ آھي سالن کان اهو سلسلو هلندو ٿو اچي ته ميونسپل,ٽائون,۽ يوسيز ۾ زهر گهرائي عملو پاڻ وڃي ڪري رولو ۽ ڇتن ڪتن لاء گوشت,مٺائي ۾ زهر ملائي رکي ايندا ھيا ۽ اهو زهر مليل گوشت يان مٺائي رولو ڪتا کائي مري ويندا هيا پر هاڻي وري هي سنڌ حڪومت کي الائي ڪنهن صلاح ڏني آھي ته ماڪڙ کي ڀڄائڻ ۽ رولو ڪتن کي پڪڙڻ لاء قيمتي ويگو گاڏيون خريد ڪيو مان ته سمجهان ٿو ته اهي رڳو ٻڌائڻ جي حد تائين ته رولو ڪتن کي پڪڙڻ لاء ويگو پيا خريد ڪن دراصل اهي سنڌ حڪومت پنهنجي ميمبرن,۽ آفيسرن لاء پيا خريد ڪن ته اهي ۽ سندس اهل اولاد ويگو تي چڙهي عيش ڪن جيڪا سٺي ڳالھ بلڪل به ڪانه آھي عوام ايترو بيوقوف ڪم عقل ڪونه آھي جو اوهان جون اهي اٽڪلون اهي سياست بازيون ۽ ڪرپشن جا طريقا نه پيو سمجهي سگهي عوام سڀ سمجهي ٿو پر صرف ۽ صرف شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪري اوهان کي ووٽ ڏئي ٿو پر اهي چ ٻئي شھيد اگر هن وقت زنده هجن هان ته اهي اهڙا فيصلا بلڪل به نه ڪن هان ان جي لاء سنڌ حڪومت کي اهڙا عوام دشمن فيصلا ختم ڪري سنڌ جي عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ گهرجن نه ته اڳتي هلي اهي سندن فيصلا کين ڳچي ۾ پئجي سگهن ٿا ۽ سنڌ جو باشعور عوام کين مسترد به ڪري سگهي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو