ڪتاب منفرد ماڻھو جو تنقيدي اڀياس

ڪتاب منفرد ماڻھو جو تنقيدي اڀياس

خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ جي علائقي ڪشمور تعلقي جي گمنام سماجي معاشرتي شخصيتن ۽ ڪجھ ماڳن تي مشتمل ھي ڪتاب منفرد ماڻھو جي نالي سان سنڌي ادب ڄي صف ۾ شامل ٿيو آھي ڪتاب تي اڳ ۾ تبصرا ٿيل آھن جيڪي ڪتاب ۾ شامل آھن ۔اھي تبصرا تجزيا سنڌ ۽ ھنڌ جي ناليوارن دانشورن جا آھن جن ڪتاب جو ادڀي اصلاحي حوالي سان ڇيد ڪڍيو آھي ۔نقاد کي اھو حق ڏنو ويندو آھي ته ھو شايع ٿيل ڪتاب تي ڇنڊڇاڻ ڪري کلي طريقي سان تنقيد براء اصلاح ڪري پر اسان وٽ تمام گھڻا لکندڙ اديب دانشور اھو نه چاھيندا آھن ڪتاب شايع ٿيڻ کان پوء ان تي تنقيد ڪئي وڃي اھو چاھيندا آھن اسان جي ڪتاب تي تعريفي اکر لکيا وڃن ۔گھڻو تڻو اديبن جو اھو رايو ھوندو آھي ۔ائين نه ھئڻ گھرجي ادب تنقيد بنا اڌورو آھي ۔ان ڪري ئي اسان وٽ ڪتاب شايع ٿيڻ کان پھرئين ڇنڊڇاڻ ڪونه ٿي ڪئي وڃي صرف تعريفي مھاڳ ۔پيش لفظ وغيره لکيا وڃن ٿا۔اصولي ادبي طور تي ائين ھئڻ گھرجي ھا ته ڪتاب شايع ٿيڻ کان پھرين تنقيدي مرحلي مان گذاري پنلشر تائين پھچايو وڃي ۔ھي ڪتاب جنھن ۾ ڪشمور جي مارو ماڻھو جھانگي مانجھي جو ذڪر ٿيل آھي اھي مسڪين ويچارا منفرد ڪئين ٿيا ۔منفرد جي لفظي معني جيڪا اسان پڙھون ٿا الڳ ٿلڳ ٻين کان ڌار ۔ھن ڪتاب جونالو ئي درست ناھي ان جو نالو مانجھي ماڻھو ھئڻ گھرجي ھا ۔جو ھن ۾ انھن مانجھي ماڻھن جو ذڪر آھي جن معاشري ۾ غربت سان مقابلو ڪري پنھنجو مقام ٺاھيو ظلم جي خلاف آواز بلند ڪيو مسلسل جدوجھد ڪئي ۽ آخرڪار منزل ماڻي ورتي ۔سنڌ اھڙن ڪردارن ۽ آئيڊيل ماڻھن سان ڀري پئي آھي پر انھن تي ڪير قلم کڻي صرف چند مشھور شخصيتن تي نالو ڪمائڻ جي لاء لکيو وڃي ٿو ۔اھڙن مانجھي ماروماڻھو تي لکجي جن تي ڪنھن به قلم نه کنيو ھجي ۔زلفي چاچڙ سنڌي ادب ۾ اھڙا ڪردار لکي انھن لڪل گمنام ٿيل شخصيتن کي اجاگر ڪيو آھي ۔ته اسان جي سنڌي سماج ۾ اھڙا ڪردار به اڄ جي جديد سائنسي ٽيڪنالاجي دور ۾ موجود آھن جن جي ڪير به سار سنڀال ڪونه ٿو لھي ۽ ڪير به انھن تي قلم ڪونه ٿو کڻي اھي ئي ڪردار اڳتي ھلي ڪري اسان جي تاريخ ٿيندا ۔گذريل جيڪي به تاريخون لکيون ويون آھن اھي گھڻو ڪري درٻاري ليکڪن جون لکيل آھن يا وري سرڪاري سرپرستي ۾ لکيون ويون آھن ان ڪري مختلف تضاد پيدا ٿي پيا ۽ اديب دانشور ترقي پسند ۽ غير ترقي پسند ٿي ويا ۔روشن خيالي ته ھر دور ۾ رھي آھي ۔ھر دور ۾ تحقيق ۽ تاريخ تي ڪتاب لکيا ويا آھن پوء ڪو ان ۾ ترقي پسند ته ڪو رجعت پسند ٿيو وڃي ۔ڪتاب تي ٻه اکر نالي تفصيلي تبصرو پروفيسر اعجاز قريشي صاحب لکيو آھي جنھن پڻ شخصيتن تي ڪافي ڪتاب لکيا ۽ مرتب ڪيا آھن ۔سائين تفصيلي ھر ڪردار جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آھي ۔سنڌي ادب ۾ خاڪن جي پنھنجي الڳ جڳھ ٺھيل آھي انھي موضوع تي ڪافي ڪتاب شايع ٿي رھيا آھن ۔زلفي چاچڙ جيڪي ڪچايون اوڻايون ھن ڪتاب ۾ ڪيون آھن شايد اڳتي ھلي ان ۾ سڌارو آڻيندو ۽ ان کان به وڌيڪ سٺي نموني سان سنڌي ادب ۾ خاڪا لکندو ۔جيڪو ادب ڄو اھم جز آھي ان ۾ شخصيت کان علاوه ان جي نجي زندگي جي باري ۾ ڪافي معلومات ملي ٿي وڃي ۽ اھا اڌوريڌآتم ڪھاڻي جو روپ ڌاري ٿي ۔سنڌي ادب ۾ اڃان به اھڙن ڪتابن جي کوٽ آھي اھڙا نوجوان زلفي جھڙا پنھنجي قلم کي جنبش ۾ آڻي انھي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ مسلسل لکندا رھندا جئين سنڌ جي گمنام ڪردارن کي اجاگرڪري سگھجي ۔ڪتاب جي آخر ۾ ڪجھ تاريخي ماڳن جو به ذڪر تيل آھي اھي به اسان جي زنده ھئڻ ۽ جياپي جو حصو آھن ۔جن تي لکڻ گھرجي جئين ھي ميسارجي ويل تاريخي ماڳ ڪتابن جي ورقن ۾ زنده رھي سگھن ۽ اسان جو ايندڙ نسل ان کان ڀلي ڀت واقف ٿي سگھي ۽ گھربل معلومات حاصل ڪري سگھي ھي ڪتاب سنڌ جي مشھور پبلشر پيڪاڪ پبلشر شايع ڪيو آھي ٽائٽل تي انھن منفرد ماڻھن جون تصويرون آھن جيڪي ڪجھ چوڻ چاھين ٿيون .

پهنجو تبصرو موڪليو