ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر ) پوليس ميٽرڪ بورڊ جي امتحانن ۾ نقل ڪندڙ مافيا خلاف ڪارروائي ڪندي پيپر ليڪ جي ڪاروبار ۾ ملوث چئن گروهن جي سربراهن کي گرفتار ڪري ورتو.
سي آءِ اي پوليس موجب، جوابدارن کي ملير، سرجاني، نيو ڪراچي ۽ گلشن مان گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن ۾ مبين خان، اسامه، بلال ۽ عبدالرزاق شامل آهن.
پوليس اختيارين جي چوڻ آهي ته گينگ جي سربراهه مبين خان جا 13 گروپن ۾ 13 هزار شاگرد ميمبر آهن، جڏهن ته هو پاڻ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ سائبر سيڪيورٽي فائنل جو شاگرد آهي. گرفتار ڪيل ٻين شڪي ماڻهن ۾ هڪ انٽر جو شاگرد به شامل آهي.
جاچ موجب گرفتار ٿيل جوابدارن پيپر ليڪ جي بدلي ۾ شاگردن کان لکين رپيا وصول ڪيا آهن. جوابدار هڪ رات اڳ پيپر ليڪ جي ضمانت ڏئي پئسا وٺندا هئا، جڏهن ته پئسا مختلف آن لائن بينڪنگ چينلز ذريعي گڏ ڪيا ويندا هئا.
ٻئي طرف، ڪاپي مافيا هڪ نئون طريقو اختيار ڪيو آهي ۽ شاگردن کان امتحاني مرڪزن جي بدران گهر ۾ پرچا حل ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته امتحاني مرڪزن جي ويجهو خفيه هنڌن تي به اهو ڪاروبار جاري آهي.
پوليس موجب، ڪاپي ڪرڻ تي وڏي پئماني تي پئسا ورتا پيا وڃن، ۽ هڪ شاگرد کان 40,000 رپيا تائين وصول ڪيا پيا وڃن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار شڪي ماڻهن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي










