ڪارگو جهاز جي انجڻ خراب هنگامي طور سمنڊ ۾ لينڊنگ

ڪارگو جهاز جي انجڻ خراب هنگامي طور سمنڊ ۾ لينڊنگ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست هوائي جي شهر هونولولو مان اڏام ڀريندڙ بوئنگ 737 ڪارگو جهاز ۾ انجڻ جي خرابي سبب جهاز کي سمنڊ ۾ هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي. جهاز جا ٻئي پائلٽ زخمي آهن، جن مان هڪ کي آءِ سي يو ۾ رکيو ويو آهي. ڪوسٽ گارڊ وارن کين ريسڪيو ڪيو. جيئن ئي جهاز اڏاميو ته پائلٽ ڪنٽرول ٽاور کي ٻڌايو ته جهاز جي هڪ انجڻ بند ٿي وئي آهي ۽ ٻئي به جلد بند ٿي ويندي ڇو ته ان جو ٽيمپريچر حد کان وڌيل آهي. آمريڪي ايوي ايشن جي ٽيم ان جي جاچ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو