اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڪابينا ۾ ردو بدل جو فيصلو ڪندي مختلف وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا آهن. ڪنهن به وزير کي هٽايو ناهي ويو. ناڻي واري وزارت جو قلمدان حماد اظهر کا واپس وٺي شوڪت فياض احمد ترين حوالي ڪري ڇڏيو آهي. گذريل مهيني حفيظ شيخ کي هٽائي حماد اظهر کي مقرر ڪيو ويو هو. حماد اظهر کي توانائي جو وزير بڻايو ويو آهي. جتان عمر ايوب کي هٽائي اقتصادي معاملن جو وزير بڻايو ويو آهي. چوڌري فواد احمد کي اطلاعات ۽ براڊ ڪاسٽنگ جو وزير بڻايو ويو آهي ۽ شبلي فراز کي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. خسرو بختيار کي صنعتن ۽ پيداوار جي وزارت ڏني وئي آهي.










