ڪئنالن وارو معاملو حساس نوعيت جو آهي،شاھ محمد شاھ جو شھباز کي خط

ڪئنالن وارو معاملو حساس نوعيت جو آهي،شاھ محمد شاھ جو شھباز کي خط

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ن ليگ جي سينئر نائب صدر شاهه محمد شاهه ڪئنالن واري معاملي تي وزيراعظم کي خط لکي سي سي آءِ جو اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ن ليگ جي سينئر نائب صدر شاهه محمد شاهه ڪئنالن واري معاملي تي وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو آهي. هن خط ۾ ڄاڻايو ته ڪئنالن وارو معاملو انتهائي حساس نوعيت جو آهي، ان تي سي سي آءِجو اجلاس طلب ڪيو وڃي. شاهه محمد شاهه خط ۾ ڄاڻايو ته عالمي اصولن تحت سنڌو درياهه تي سڀ کان پهرين حق سنڌ جي عوام جو آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته نواز شريف 1991 سنڌ سرڪار ۽ وفاق وچ ۾ پاڻي معاهدو ڪيو هو،جنهن تحت ڪوبه صوبو ٻي صوبي جي پاڻي تي حق نٿو رکي سگهي. هن خط ۾ مطالبو ڪيو ته پاڻي معاملي تي راءِ وٺڻ جي لاٰءِ سنڌ مان پاڻي ماهر گهرايا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو