اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي ميزباني ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ يڪراءِ ٺهراءُ بحال ڪيو ويو ته هن ملڪ جا مسئلا کاٻي ڌر جي قيادت حل ڪري سگهي ٿي. ‘متبادل کاٻي ڌر آهي’ جي نعري هيٺ اهو عهد ڪيو ويو ته کاٻي ڌر جي سوچ رکندڙ سڀئي جماعتون پروگريسو فرنٽ قائم ڪري گڏيل جدوجهد ڪنديون. نيشنل پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيل ڪانفرنس جي صدارت ڪامريڊ امداد الله قاضي ڪئي جنهن ۾ اهو اعلان به ڪيو ويو ته کاٻي ڌر جي سوچ وارن ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ لاهور ۽ ڪراچي ۾ به اهريون ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون.

ڪانفرنس ۾ سوشل ڊيموڪريٽڪ پروگريسو فورم جي چيئرمين ڪامريڊ امر لال، ڪانفرنس ۾ سرائڪي وسيب مان ڪامريڊ لياقت چوهاڻ، پاڪستان سرائڪي پارٽي جي ليڊر ڊاڪٽر نخبه تاج لانگاهه، سميت 11 جماعتن ۽ فورمز جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي عالمي ترانو به ڳايو ويو.










