ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
ڪجهه وقت کان ميڊيا اندر هڪ اِشو تي وڌ کان وڌ بحث هلي رهيو آهي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو ۽ ٻار انهن ڪُتن جي ڏاڙهڻ جو شڪار ٿين ٿا، ميڊيا ۾ پڻ بار بار اهڙي سنگين اِشو کي هاءِ لائيٽ ڪيو پيو وڃي پر هڪ سال گذرڻ کانپوءِ رولو ڪتن جي گهٽجڻ بجاءِ انهن جي وڌڻ جون خبرون اچي رهيو آهن، خبر ناهي ته ميونسپل انتظاميه توڙي جو ٽائون يا يونين ڪائونسل انتظاميا ڪهڙن ڪمن ۾ رڌل آهي جو اها ان سنگين مامري کان لاتعلق بڻجي وئي آهي!. پوري ملڪ ۾ هڪ ته ڪورونا وائرس عوام جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، روزانو جي بنياد تي ڪيترائي ماڻهو اهڙي مرض جو شڪار ٿيندي موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن ۽ وڏي انگ ماڻهن پنهنجو پاڻ کي گهرن اندر آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪي مريض اسپتالن تائين پهچن به ٿا ته انهن جو حال به هيڻو ٿو ٻڌايو وڃي ۽ اڪثر اُهي اسپتال پُهتل مريض خوشنصيبي سان واپس اچن ٿا، بهرحال، سنڌ اندر ڪورونا جي مرض سان گڏوگڏ ڪجهه وقت پهرين هتي فصلن اندر ماڪڙ منهن ڪڍيو هو، جنهن سبب انهي ماڪڙ جي حملن سبب فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رَسڻ سان گڏ هارين کي وڏو مالي نقصان پهتو، ڪافي عرصي تائين ماڪڙ جي حملن کانپوءِ جتي هاري ۽ آبادگار سخت مونجهاري جو شڪار هئا ته اُتي سنڌ حڪومت به فڪرمند ٿيندي نظر اچي رهي هئي، ڇوته ماڪڙ ۾ نه رڳو غريب هارين جا فصل تباهه ٿي رهيا هئا پر گڏوگڏ سياسي ڀوتارن جون آباد زمينون ۽ فصل به ماڪڙ جي حملي ۾ تباهه ٿي ويا، باقي تهسڄي سنڌ جي صورتحال ڪنهن کان به ڳجهي ڪونهي. سنڌ اندر رولو ڪتن جيڪو عوام جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن خلاف معاملو اعليٰ عدالتن تائين وڃي پهتو آهي پر اڄ سوڌو حڪومت طرفان ڪي به ساراهه جوڳا قدم کڻندي نظر نه اچي رهيا آهن. هتي مجموعي طور اڄ سوڌو رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ يا انهن جو شڪار ٿيڻ جون اُهي خبرون شايع ٿيون آهن يا وري مختلف ٽي وي چئنلن تي اُتان جي ذميوار رپورٽن کان تفصيل ورتا ويا آهن، جيڪي يقينن سنڌ جا وڏا وڏا شهر جهڙو سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد وغيره آهن، اصل ۾ اِها ڳالهه ته واضح ٿي چڪي آهي ته اڄڪلهه شهرن اندر گهٽين ۽ محلن ۾ رولو ڪتن جي گهڻائي ۽ انهن کي ڇتو ڪتو به چئي سگهجي ٿو جيڪي وڏي مقدار ۾ ٽولن جي صورت ۾ ڦري رهيا آهن پر منهنجو خيال آهي ته شهرن اندر ته رولو ڪُتن جو آزار وڌيل آهي پر اصل ۾ اِهي رولو ڪُتا جيڪي ٻهراڙي جي ڳوٺن يا ننڍن ننڍن شهرن ۾ هجن ٿا، انهي جو ته اڄ سوڌو ڪنهن ڪاٿو ئي ناهي لڳايو، سنڌ جي چوٿين نمبر وڏي شهر ۽ سنڌ حڪومت جي پارٽي هيڊڪواٽر لاڙڪاڻه مان اِها تصديقي خبر شايع ٿي آهي ته اُتي 5 هزار ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهيو آهي، اهڙي رپورٽ اُتان جي ذميوار هيلٿ آفيسر (ايم ايس) ان وقت عدالت کي ڏني جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ رولو ڪتن جي آزار سبب ڪيسن جي ٻڌڻي هلي رهي هئي، معزز عدالت جي جج جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ڪيس جي ٻڌڻي دوران انتهائي افسوس جو اظهار ڪندي جيڪي ريمارڪس ڏنا سي به نه وسارڻ جوڳا آهن، اِها ڳالهه سڀ ڪو سمجهي ٿو ته جيڪي معزز جج عدالتن جي ڪمرن تائين محدود آهن سي سمجهي سگهن ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن سياستدان يا ڪاموري جي پٽ کي ڪُتو چڪي ها ته خبر ناهي ته ان يوسي انتظاميا خلاف ڪهڙو ممڻ مچي ها پر اڄ غريبن ۽ مسڪين جا ٻار اهڙن رولو ڪتن جو شڪار ٿي رهيا آهن جن بابت 5 هزار واقعن کانپوءِ صرف 21 ايف آرون داخل ڪيون ويون آهن. ڪيتري نه بيحسي جي ڳالهه آهي ته هزارين جي تعداد ۾ واقعن پٺيان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪيس به داخل نه ٿيا هجن ته پوءِ معزز عدالت ڏانهن ئي عام ماڻهو ٿو نهاري ته ڪڏهن ٿو ان کي انصاف ملي. جيڪڏهن آئون سنڌ جي انهن ضلعي هيڊڪواٽر وارن شهرن ٽنڊوالهيار، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ ٻين شهرن جو ذڪر ڪريان ته اتان به اِهي ئي ساڳيون خبرون شايع ٿيون آهن، ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب ڪيترائي ٻار موت جي به منهن چڙهيا آهن جيئن ٽنڊوالهيار ۾ واقعو پيش آيل هيو، مختلف شهرن ۾ ميونسپل انتظاميه توڙي جو ٽائون يا يونين ڪائونسل انتظاميه جتي وڏي تعداد ۾ اسٽاف ۽ ايڪسٽرا ڀرتيون به ٿيل آهن پر سڄي سنڌ اندر اِهڙي ڏکي صورتحال کانپوءِ ڪنهن جي ڪن تي جونءَ به ڪونه ٿي چُري، مختلف مقامي انتظاميه طرفان انهن ڇتن يا رولو ڪتن کي زهر ڏئي ماريو وڃي ۽ ڪنهن ويران هنڌ ڦٽو ڪيو وڃي ته يقينن اِهڙي آزار تي ڪنٽرول ممڪن آهي. سنڌ اندر جتي رولو ڪتن جو اِشو پريشاني جو ڪارڻ بڻيل آهي ته وري ٿر اندر رولو گڏهن به آواراگردي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، اسلام ڪوٽ اندر ان وقت ماڻهن ۾ ڀاڄ پئي، جڏهن ٽائون ڪاميٽي مارڪيٽ اندر رولو گڏهه دڪانن تي چڙهي ويا. پٿورو مان اِها افسوسناڪ خبر شايع ڪئي وئي آهي ته گذريل 6 مهينا اڳ سانوڻي ۾ پيل برسات جو پاڻي مختلف ڳوٺن مان اڄ سوڌو نيڪال ناهي ٿي سگهيو جنهن سبب اُتان جي رهواسين گذريل گرميون نٽهڻ اُس ۽ مڇرن جي گهيري ۾ گذاريون پر اڄ اُن وقت وڏو افسوس سامهون نظر اچي رهيو آهي جڏهن هن لڱ ڪانڊيندڙ سيءَ ۾ ڳوٺاڻا پنهنجا ٻچا ۽ ٻار روڊن مٿان ڦاٽل ٽينٽن ۾ ويهاري سيءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن، ڳوٺاڻن دانهندي ٻڌايو ته گذريل هيتري عرصي کان وٺي گهرن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ڪوبه بندوبست ناهي ۽ نه ئي پيئڻ جو صاف پاڻي مُهيا ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري وڏي عذاب ۾ مبتلا آهيون، هن سڄي افسوسناڪ صورتحال کانپوءِ به انتظاميه توڙي جو سنڌ حڪومت طرفان ڪنهن به قسم جي خاطر خواهه قدم نه کڻڻ تي جيترو به افسوس ڪجي سو گهٽ آهي. اسين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قائم ٿيل سرڪاري اسپتالن جو ذڪر ڪريون ته يقينن نه رڳو انتظاميه پر صحت کاتي جا به پول پڌرا ٿيل آهن، معمولي مريضن جو علاج به ناممڪن آهي باقي ته ڪتن جو ڏاڙهيل هجي يا وري نانگ جو ڏنگيل هجي، سي وئڪسين ته انهن سرڪاري اسپتالن بجاءِ ميڊيڪل اسٽورن تي عام جام وڪرو ٿيڻ جو خبرون ملن ٿيون، جهڙي طرح گهوٽڪي ضلعي جي اسپتالن جون دوائون اسپتال بجاءِ ميڊيڪل اسٽورن تان پڪڙيون ويون آهن نه رڳو گهوٽڪي ضلعو پر اِهو وڪرو پوري صوبي جي اسپتالن ۾ عام جام ٿئي ٿو ۽ مختلف وقتن تي اهڙيون خبرون ۽ رپورٽون به شايع ٿيون آهن پر تنهن جي باوجود به ڪنهن ذميوار خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. هن وقت جيڪا تڪليف ڏيندڙ صورتحال آهي، جنهن بعد ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، سو رولو ڪتن جي آزار وڌڻ کانپوءِ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي خاموش رهڻ بجاءِ هن نازڪ معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ميونسپل انتظاميه توڙي جو ٽائون يا يوسي سيڪريٽرين کي سخت هدايتون ڪندي ڪُتا مار مهم لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا انڪوائري ڪري سنڌ حڪومت کي رپورٽ ڏي ۽ زهريلي دوائن سبب ماريل ڪتن کي ڪنهن شهر جي گهٽين يا رستن تي ڦٽو ڪرڻ بجاءِ ڪنهن ويران هنڌ اُڇلايو وڃي ته جيئن وڌيڪ بدبودار ماحول پيدا نه ٿئي. advocateubedullah@gmail.com










