ڏهاڙيدار مزدور يوٽيوب تان لکين روپيا ڪمائڻ لڳو

ڏهاڙيدار مزدور يوٽيوب تان لکين روپيا ڪمائڻ لڳو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)ايسڪ مُنڊا هندستاني رياست اڙيسا ۾ هڪ ڏهاڙيدار مزدور هو جنهن ڪورونا جي وبا جي نتيجي ۾ يوٽيوب جو رخ ڪيو. هاڻي هو سوشل ميڊيا اسٽار بڻجي چڪو آهي ۽ لکين رپيا ڪمائي ٿو. سنديپ ساهو رپورٽ ڪري ٿو ته جڏهن منڊا پنهنجي پهرين وڊيو يوٽيوب تي مارچ 2020 ۾ پوسٽ ڪئي ته هو هڪ پريشاني کي منهن ڏئي رهيو هو. ڪورونا جي وبا کي روڪڻ لاءِ ملڪ گير لاڪ ڊائون هندستان جي تعميراتي شعبي کي بند ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي منڊا به ادا ڪيو.

He makes video of his family while work and travel

منڊا ۽ هن جهڙن ٻين ڏهاڙيدار مزدورن لاءِ روزي جو گذر بسر ڪرڻ مشڪل هو. هن ’منڊا ايٽس’ يعني منڊا کائي ٿو نالي چينل ٺاهيو ۽ پهرين ويڊيو دال چاول جي ڊش ڍاهي کائي ٿو. هن ڏٺو ته 3 ڏينهن گذري ويا ڪنهن به نه ڏٺي جنهن بعد هن معلومات وٺي فيس بڪ تي اڪائونٽ ٺاهيو ۽ سوشل ميڊيا تي ويديو شيئر ڪرڻ شروع ڪيا. شروع ۾ 7، 8 ماڻهن اها ويڊيو ڏٺي جنهن بعد اڙيسا جي مشهور چانورن جي ڊش بابت هن ويديو ٺاهي جيڪا دنيا ڀر ۾ مشهور ٿي، هن جا هڪ ويڊيو سبب 20 هزار سبسڪرائيبر ٿي ويا. ٻن سالن ۾ هن جا 80 هزار کان مٿي سبسڪرائيبر آهن ۽ سندس ويڊيوز جا 10 ڪروڙ ويوز آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي هن جي ڪاميابي جو ذڪر به ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو