ڌارين بجاءِ ماروئڙن تي توجهه ڏيو

ڌارين بجاءِ ماروئڙن تي توجهه ڏيو

تحرير عبدالمجيد بروھي 

ڪافي عرصي سنڌ ڌرتي کي ھڪ يتيم خاني وانگر استعمال ڪري اتي پناھگيرن جي لوڌ کي گھرائي انھن کي ھزارين ايڪڙن تي مشتمل قيمتي پلاٽ ڏئي کين مالڪاڻا حق ڏنا ويندا آھن پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد ھندستان مان لڏي ايندڙن کي بـ پنجاب ڪي پي ڪي ۾ رھائڻ بعد سنڌ ۾ گھرائي ڪراچي حيدرآباد سکر سميت ٻين وڏن شھرن ٺھيل گھر ڪاروبار زمينون ڏنيون ويون جيڪي اڄ سنڌ ڌرتي کي ٽوڙڻ جي سازشن ۾ رڌل آھن ان بعد بنگال جي سانحي بعد اتان ڀڄي ايندڙ بھارين برمين ۽ بنگالين کي پڻ سنڌ جي شھر ڪراچي ۾ گھرائي رھايو ويو افغانستان ۾ حالتون خراب ٿيون تـ اتان لڏي ايندڙ لکين افغانين کي ٻين صوبن ۾ رھائڻ بجاء کين ڪراچي ۾ گھرائي ھزارين ايڪڙن تي مشتمل قيمتي پلاٽ ڏئي کين اتي قئمپ قائم ڪري ڏنائون جيڪي اڄ تائين اتي رھيل آھن ان بعد ظلم تـ اھو ڪيو ويو آھي تـ انھن افغانين برمين بھارين افغانين کي وفاقي عمراني حڪومت پاران پاڪستان جي شھريت ڏيڻ سميت سنڌ جا ڊوميسائل ۽ قومي شناخت ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ جا اعلان ڪيا ويا آھن جن بابت اھي ڳالھيون ٻڌڻ ۾ اچن پيون تـ انھن ڌارين کي ڪارڊ ٺاھي ڏنا ويا آھن وفاقي حڪومت سنڌ کي يتيم خانو سمجھي ڪشمرين پناھگيرين کي پڻ سنڌ جي شھر ڪراچي ۾ رھائڻ جي لاء حڪم جاري ڪيا ويا آھن جن خلاف پوري سنڌ سراپا احتجاج آھي چوڻ جو مقصد صرف ھي آھي تـ ھڪ طرف ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي سالن کان پنھنجي ڌرتي سنڌ جي زمينن تي پنھنجا گھر اڏي ويٺل سنڌ جي اصل مالڪن جا گھر جيڪي گھر ھنن پنجاھ سالن کان مٿي عرصي کان اڏي پنھنجن شھرن ڳوٺن اندر پنھنجن ٻچڙن سميت رھي رھيا آھن انھن غريبن ۽ مسڪينن جا گھر مسمار ڪري انھن پورھيتن کي بي گھر ڪيو پيو وڃي ھڪ طرف سنڌ جي اصل مالڪن جا گھر ڊاھي کين بي گھر ڪيو پيو وڃي تـ ٻئي طرف ڌارين کي سنڌ جي مھانگي علائقن ۾ گھرائي مفت ۾ زمينون ڏئي آباد ڪيو پيو وڃي  اصل وراث سنڌ جا پنھنجي ٻچڙن سميت بي يارومددگار بڻيل آھن اھي انھن ٻچڙن سميت سندن جا گھر ڊاھي پٽ ڪرڻ سبب کليل آسمان ھيٺ آھن پر بنگالي بھاري برمي افغاني ڪشميري ڪراچي جھڙي انٽرنيشنل شھر ۾ رھاڪو آھن جن اتي سنڌ جي زمينن تي گھر ٺاھي ڪاروبار پيا ڪن سنڌ جا رھاڪو بي گھر ۽ بيروزگار بڻيل آھن ڌاريا گھر اڏي ڪارخانا ٺاھي سنڌ جي شھرن جا مالڪ بڻيل آھن ھينئر جن سنڌي پورھيتن جا گھر ڊاٿا پيا وڃن انھن مسڪينن لاء بـ وفاقي سرڪار کي ڪجھ ڪرڻ گھرجي  حڪومت بـ پنھنجي وس آھر انھن جي مدد ڪري ٻيو گھڻو ڪجھ نـ تـ انھن مسڪينن کي انھن جي ڊاٿل گھرن جي بدلي معاوضو تـ ڏين ۽ انھن شھرن ۾ جٿي سرڪاري پلاٽ آھن انھن پلاٽن تي سڀ کان پھريان انھن مسڪينن کي گھر ٺاھي ڏنا وڃن يا صرف کين اتي  صرف انھن جي پلاٽن جيترا پلاٽ کين ڏنا وڃن تـ انھن مسڪينن جو بـ ڀلو ٿيندو ۽ پ پ پ جي سنڌ سرڪار بـ پنھـجي پارٽي منشور تي ھلندي روٽي ڪپڙا مڪان واري نعري کي زندهه رکي سگھندي انھن سرڪاري پلاٽن تي شھيد راڻي جي نالي سان منصوب ڪري بينظير بستي جو نالو ڏنو وڃي ھينئر اھو سڀ ڪجھ سنڌ حڪومت ئي ڪري سگھي ٿي باقي وفاقي سرڪار عمران خان وانگر صرف ڪوڙا واعدا ڪرڻ ۾ لڳل آھي ۽ ھر واعدي بعد وري پنھنجي ڳالھ تان ڦري وڃن ٿا پنجاھ لک گھر ٺاھي ڏيڻ جو واعدو ڪندڙ اگر انھن مان ڏھ سيڪڙو گھر اڄ انھن ماروئڙن کي ٺاھي ڏين جيڪي اڄ سندن جا گھر مسمار ڪرڻ سبب بي گھر ٿيل آھن انھن جا گھر کين ٺاھي ڏنا وڃن تـ انھن جو ھڪ واعدو بـ پورو ٿي ويندو ۽ سنڌ جو عوام بـ سندن مان خوش ٿيندو پر ڇو تـ ھي سڀ ڪوڙا ۽ فريبي آھن انھن جي منشور ۾ سنڌ ۽ سنڌ جو عوام آھي ئي نـ عمران خان وزيراعظم ھوندي پاڻ چيو ھيو تـ سنڌ اسان جو صوبو نـ آھي انجي ڪري ان مان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن مان ٻيرگھرڻ برابر آھي انجي ڪري سنڌ حڪومت کي ئي سڀ ڪجھ ڪرڻو آھي انھن بي گھر ڪيلن کي گھر جي بدلي گھر ڏيڻ ھاڻي سنڌ حڪومت جي فرضن ۾ شامل آھي پوري سنڌ جا رھاڪو سنڌ جي عوامي حڪومت ۾ آسرو رکي ويٺل آھن اميد آھي سنڌ حڪومت انھن بي گھرن سنڌ واسين جي پرگھور لھندي 

پهنجو تبصرو موڪليو