اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آمريڪي صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس جي جوابدار عمر شيخ جي نظربندي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.ملڪ جي سڀني کان وڏي عدالت اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ڪيس جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. اٽارني جنرل آف پاڪستان عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي ٻڌڻ کان سواءِ آزادي جو فيصلو ڏنو ۽ جوابدار جي آزادي جي فيصلي کي معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.عدالت چيو ته سڀاڻي تائين حڪومت جو موقف ٻڌي ٿا وٺون. حڪومت ٻڌائي ته هڪ شهري کي ڪهڙي طرح نظر بند رکي سگهجي ٿو؟ جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڊينئل پرل قتل بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ياد رهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آمريڪي صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس جي سمورن جوابدارن خاص طور تي مک جاوبدار احمد عمر شيخ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.










