ڊيره اسماعيل خان: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ هلندڙ ڪار تي فائرنگ جي واقعي ۾ پوليس جو اي ايس آءِ 3 ڀاڻيجن سميت مارجي ويو آهي.پوليس موجب ڊيره اسماعيل خان ۾ لکي مروت انڊس هاءِ وي تي وائلڊ لائف آفيس وٽ هلندڙ ڪار تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ پوليس آفيسر اي ايس آءِ سعدالله خان تترخيل 3 ڀاڻيجن سميت مارجي ويو جڏهن ته واقعي ۾ ڪار ۾ موجود عورتون معجزاڻي طور تي محفوظ رهيون.شروعاتي ڄاڻ موجب فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويل ٻارن جون عمرون 8 کان 12 سال جي وچ ۾ ٻڌايون پيون وڃن. ٽئي ٻار اي ايس آءِ سعدالله خان جا ڀاڻيجا هئا. اي ايس آءِ سعدالله خان ڪار ۾ عورتن ۽ ٻارن کي علاج جي لاءِ پشاور وٺي وڃي رهيو هو ته نامعلوم ماڻهن انڊس هاءِ وي تي وائلڊ لائف آفيس جي سامهون سندس گاڏي تي فائرنگ ڪئي.










