ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي )ملير ميمڻ اسپتال جي ڊاڪٽرن جي غفلت سبب معصوم ميثم علي ۽ محمد علي اصغر زندگي جي جنگ هارائي ويا، معصومن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سول سوسائٽي پاران ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو .هڪ مهينو اڳ ملير جي ناليواري اسپتال ميمڻ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي ڊاڪٽر مير ثمر عباس ۽ ڊاڪٽر انيلا جي غفلت سبب معصوم ميثم علي ۽ معصوم محمد علي اصغر فوت ٿي ويا کين انصاف ڏيارڻ لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سول سوسائٽي پاران ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنن چيو ته اسان ميمڻ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۽ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيا آهن پر کين اڃان تائين انصاف نه مليو آهي،اسان اڄ ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي مطالبو ٿا ڪريون ته عطائي ڊاڪٽرن کي معطل ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر آغا شاھ زمان، اصغر باغي ۽ سماجي اڳواڻ سالار سنڌي جون صحافين سان ڳالهايون، احتجاجي مظاهري ۾ سول سوسائٽي ۽ سماجي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










